پوليس جي بروقت ڪارروائي نه ڪرڻ سبب ريلي ريڊ زون ۾ داخل ٿي وئي: سعيد غني

ڪراچي(م.ڊ) سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني متحده جي ريلي تي پوليس تشدد جي انڪوائري رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) تي تشدد جي جاچ جو حڪم ڏنو هو، گهرو سيڪريٽري جاچ ڪري رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪري ڇڏي آهي. سعيد غني جو چوڻ هو ته رپورٽ موجب 26 جنوري تي متحده پنهنجي چونڊيل نمائندن جي اڳواڻي ۾ ريڊ زون ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان وقت ڪرڪيٽ جا انٽرنيشنل رانديگر ريڊ زون ۾ واقع هوٽلن ۾ ترسي رهيا هئا، رپورٽ موجب متحده پنهنجي احتجاجي روٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي. روٽ موجب متحده کي ريڊ زون بدران پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻو هو. پوليس جي بروقت ڪارروائي نه ڪرڻ سبب ريلي ريڊ زون ۾ داخل ٿي وئي. ريڊ زون ۾ متحده جي ريلي جي آمد سبب پي ايس ايل جا رانديگر ان ڏينهن پريڪٽس لاءِ اسٽيڊيم نه وڃي سگهيا، پوليس جي احتجاج تي پوليس لاٺي چارج ڪري ايم پي اي کي زخمي ڪري ڇڏيو. سعيد غني چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڊي آءِ جي سائوٿ زون شرجيل کرلکي وضاحت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته ايس ايس پي سائوٿ زبير شيخ کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان کان علاوه  سنڌ جي وڏي وزير ايس ايس پي زبير شيخ خلاف انضباطي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. متحده جي زخمي ايم پي اي جي نشاندهي تي تشدد ڪندڙ پوليس ڪانسٽيبل کي به معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *