سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جون 59 هزار کان مٿي خوراڪون زيان ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا خلاف مختلف قسمن جي ويڪسين جون 59 هزار کان مٿي خوراڪون زيان ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سڀ کان مٿي سائنو ويڪ جون 18 هزار 763 خوراڪون زيان ٿيون آهن، ايسٽرا زنيڪا جي 16 هزار 754 خوراڪون ضايع ٿي ويون آهن. اختيارين ٻڌايو ته سائنو فارم جون 14 هزار 576 خوراڪون زيان ٿي چڪيون آهن جڏهن ته پاڪ ويڪ جون 6 هزار 786 خوراڪون ۽ ڪين سائنو جون 2 هزار 143 خوراڪون زيان ٿي ويون آهن. صحت کاتي موجب موڊرنا ويڪسين جون 489 ۽ فائزر جون 38 خوراڪون زيان ٿيون آهن. ٻڌايو ويو آهي ته خوراڪن جي زيان ٿيڻ جو سبب ڪولڊ چين جي فراهمي نه ٿيڻ ۽ ويڪسي نيٽرز جي مس هينڊلنگ آهي، انکانسواءِ ڪرڻ، ويڪسين لڳائڻ دوران متاثر ماڻهو جي طبيعت خراب ٿيڻ جو عمل به ويڪسين زيان ٿيڻ جو سبب بڻيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *