بلاول ڀُٽو سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر جي ملاقات ٿي آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ پي پي چيئرمين ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر ٻه طرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ڄڻن ملاقات دوران افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڪٻئي سان خيالن جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران برطانوي هاءِ ڪمشنر پي پي چيئرمين کي سنڌ جي دوري بابت به آگاهه ڪيو. بلاول ڀُٽو زرداري ڪرسچين ٽرنرجي سنڌ جي دوري واري پروگرام کي سُٺو سنئوڻ قرار ڏنو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *