سنڌ ۾ ڪورونا سبب 58 مريض فوت، ملڪ ۾ فوتين جو انگ 73 ٿي ويو

اسلام آباد /ڪراچي (اسٽاف رپورٽر/اين اين آءِ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيس جو انگ 48 هزار کان وڌي ويو جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ ان خطرناڪ وبا سبب 73 ڄڻا فوت ٿي ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 31 هزار 830 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ گڏيل ڪووڊ 19 ٽيسٽن جو انگ 60 لک 64 هزار 220 ٿي ويو آهي. ڪورونا جي مريضن جو انگ: گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 459 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 4 لک 43 هزار 246 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ هڪ لک 96 هزار 962، پنجاب ۾ 1 لک 28 هزار 138، خيبرپختونخواهه ۾ 52 هزار 787، اسلام آباد ۾ 35 هزار 450، بلوچستان ۾ 17 هزار 771، آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 750 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 793 ماڻهن ۾ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 48 هزار 800 ٿي ويو آهي، جنهن مان 2 هزار 456 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 73 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ ان وبا سبب فوت ٿيلن جو انگ 8 هزار 905 ٿي ويو آهي. اين سي او س موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1 هزار 614 ڄڻن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏني آهي جنهن کان پوءِ ان وبا خلاف جاري جنگ کٽيندڙن جو انگ 3 لک 86 هزار 333 ٿي ويو.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ 58 ڪورونا وائرس جا مريض جو فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو انگ 3222 تائين پهچي ويو آهي ۽ 1520 نوان ڪيس سامهون آيا جڏهن 10289 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ مثبت ڪيسن جو انگ 198482 ٿي ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته بدقسمتي سان گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 58 مريض فوت ٿي ويا  ۽ فوتين جو انگ وڌي 3222 تائين ٿي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح بڻجي ٿي. مراد علي شاهه چيو ته 10289 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 1520 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 14.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2166999 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 198482 ڪيس پڌرا ٿي چڪا آهن، انهن مان 85 سيڪڙو يعني 169385 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر صحتياب ٿيندڙ 1176 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 25875 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 24965 گهرن ۾، 16 آئسوليشن مرڪزن ۽ 894 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 801 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي انهن مان 83 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1520 نون ڪيسن مان 1273 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 422، ضلع ڏکڻ 343، ضلع سينٽرل 220، ضلع ڪورنگي 145، ضلع ملير 78 ۽ ضلع اولهه 65 شامل آهن جڏهن ته حيدرآباد ۽ مٽياري 27-27، ڄامشورو 14، ٺٽو 10، سکر 7، ٽنڊوالهيار 6، عمرڪوٽ ۽ دادو 4-4، ڪشمور، لاڙڪاڻو ۽ نوشهروفيروز 2-2، بدين، قمبر، خيرپور، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٿرپارڪر ۾ 1-1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته وقفي وقفي سان هٿ ڌوئي پاڻ کي محفوظ رکن، ٻاهر نڪرڻ وقت ماسڪ پائين ۽ هٿ ملائڻ کان پاسو ڪن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *