پيٽرول بحران ۾ ملوث ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان پيٽرول بحران ۾ ملوث تيل ڪمپنين جا لائسنس رد ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽرول بحران بابت جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا ۾ انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي ڊگهي بحث کانپوءِ وزيراعظم انڪوائري رپورٽ جي سفارشن جو جائزو وٺڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ شفقت محمود، شيرين مزاري ۽ اسد عمر شامل آهن. انڪوائري رپورٽ تي ڪهڙو ايڪشن ورتو ويندو، ان تي 3 رڪني ڪميٽي سفارشون تيار ڪندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪجهه وزيرن طرفان انڪوائري رپورٽ تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته جنهن قانون ذريعي ڪمپنين ناجائز پئسو ٺاهيو، ان کي تبديل ڪيو وڃي. ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم ڪمپنين جا لائسنس رد ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته بحران ۾ ملوث ماڻهن، ادارن ۽ ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *