سنڌ ۾ ڌانڌلي ۽ هارس ٽريڊنگ پارليامينٽ کي شرمسار ڪري ڇڏيو: اپوزيشن جو الزام

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهر يار خان مهر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ ۾ ڌانڌلي ۽ هارس ٽريڊنگ جو اهو مثال ڪيو ويو آهي جنهن سان پوري پارليامان کي شرمساري ٿي رهي آهي، اسان جي 5 ميمبرن کي هارس ٽريڊنگ ذريعي ٽوڙيو ويو آهي ڪنهن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو جلد خبر پئجي ويندي، جيتوڻڪ منجهند جي ماني اسان 18 ماڻهن گڏجي کاڌي مان صرف پ پ جي ڪمند جو ريٽ پورو نه ملندڙ ميمبرن کي مليان هان ته اسان ڪامياب ٿي وڃون ها، اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ چونڊ نتيجن کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي نند ڪمار، امتياز شيخ ۽ نصرت سحر عباسي به موجود هئي، شهر يار مهر چيو ته اليڪشن ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار مشقوق هو، جنهن وقت پولنگ شروع ٿي پولنگ باڪس خالي هو پر جڏهن ڳڻپ پوري ٿي ته ان مان 2 خالي پنا نڪتا، سوال پيدا ٿو ٿئي ته هي پنا ڪنهن وڌا ۽ ڇو وڌا، اليڪشن ڪميشن جي ان پاسي توجهه ڏياري وئي پر ڪو ايڪشن نه ورتو ويو، هن چيو ته حقيقت ۾ جن ميمبرن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو، انهن اصل بيلٽ پيپر جي جاءِ تي خالي ڪاغذ بلٽ باڪس ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اصل بلٽ پيپر ٻاهر ڀري ٻئي ميمبر ذريعي بلٽ باڪس ۾ وڌو ويو، هي عمل 2 ڀيرا ٿيو آهي، هن چيو ته بدترين هارس ٽريڊنگ ۽ ڌانڌلي ذريعي 5 ميمبر خريد ڪيا ويا، اسان پنهنجي جاءِ تي متحد هئاسين ۽ منجهند جي ماني گڏ کاڌي، في الحال اهو چوڻ ته انهن جو تعلق ن ليگ يا ف ليگ سان هو وقت کان اڳ آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ سمورا نالا آڏو اچي ويندا، جيڪڏهن فنڪشنل ليگ جو ڪو ميمبر هن خريد ۽ وڪري ۾ هوندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، نيشنل پيپلز پارٽي اڳواٽ اسان کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ووٽ پ پ کي ڏيندا، انهن کان اسان کي ڪا شڪايت نه آهي، اهو چوڻ غلط آهي سنڌ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي سياست تباهه ٿي رهي آهي، اسان پنهنجي پاليسين مطابق ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته اسان به ڏيتي ليتي ڪري پئي سگهياسين، پ پ هڪ غلط روايت وڌي آهي جنهن جو نقصان پوري پارليامان کي ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *