پاڪستان تي الزام هڻڻ کان اڳ دهشتگردي جي ڪنهن به واقعي جي جامع جاچ ڪرائڻ گهرجي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان چيو آهي ته اهو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي   ان لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي برادري جو سهڪار پڻ حاصل ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تسنيم اسلم خميس تي پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف پنهنجي جنگ ۾ عالمي برادري سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان تي الزام هڻڻ کان اڳ دهشتگردي جي ڪنهن به واقعي جي جامع جاچ ڪرائڻ گهرجي. تسنيم اسلم چيو ته ڪو به ملڪ دهشتگردي سان اڪيلي سر مهاڏو نه ٿو اٽڪائي سگهي ۽ عالمي برادري کي ان برائي جي پاڙ پٽڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ کپي. هن چيو ته دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان کي پنهنجا خدشا آهن ته ڀارت کي وري پنهنجا خدشا تنهن ڪري ان معاملي کي سهڪار وسيلي نبيرڻ گهرجي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته اهو افغان قيادت ۽ افغان عوام جي خواهشن موجب جاري مفاهمتي عمل ۾ سهڪار جاري رکندو. افغانستان ۾ 2016ع کان پوءِ به امريڪي فوجين جي موجود رهڻ بابت تسنيم اسلم چيو ته ان ڳالهه جو فيصلو افغانستان کي ڪرڻو آهي ته اهي ڪيتري مدي تائين امريڪي فوج جي اتي موجودگي چاهين ٿا. پاڪستان جي امداد جي حوالي سان پاڪستان ۽ امريڪا جي مستقبل جي سهڪار بابت هڪ سوال تي پرڏيهي ترجمان چيو ته اوباما انتظاميه ڪانگريس کي ان حوالي سان بجيٽ تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته امريڪي پرڏيهي کاتي ۾ پاڪستان بابت تجويز ڪيل بجيٽ جو ڪاٿو 803.8 ملين ڊالر آهي ۽ ان ۾ معيشت، سيڪيورٽي ۽ ٻين شعبن ۾ مالي مدد جون درخواستون پڻ شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن جو اعتراف عالمي برادري کي به ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جو ان ڳالهه تي يقين آهي ته امريڪا سميت اسان جا دوست ملڪ ان برائي کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان لاءِ گهربل سهڪار بهتر نموني فراهم ڪن. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پرڏيهي سيڪريٽرين جي سطح تي اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين کي ناڪام نه تصور ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي ڳالهيون تعميري ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿيون آهن ۽ انهن ڳالهين سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جامع ڳالهين جي راهه هموار ٿي آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جي دوي بابت پرڏيهي ترجمان چيو ته ان دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي ِٻه طرفن ۽ ڀائپي وارن ناتن کي وڌيڪ سگهار ۽ جٽادار بڻائڻ آهي.هن چيو ته ان دوري سان سعودي عرب سان توانائي، واپار ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. ايران پاران ڪوئيٽا ۾ گرفتار ڪيل ايراني شهري کي حوالي ڪرڻ بابت هڪ سوال تي تسنيم اسلم چيو ته ميڊيا ۾ آيل رپورٽن مطابق ڄاڻايل ايراني شهري عبدالستار ريگي کي 28 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو هو پر ميڊيا جون اهي رپورٽن غير تصديق شده آهن ۽ حڪومت طرفان اهڙن اطلاعن جي تصديق جو عمل جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *