سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جا راڱا جاري، ماءُ ڌيءُ سوڌو وڌيڪ5 ڄڻا فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جا راڱا جاري آهن، گجگوڙ سان برسات دوران وِڄون ڪرڻ سوڌو ٻين حادثن ۽ واقعن ۾ ماءُ ڌيءُ سوڌو وڌيڪ5 ڄڻا فوت ٿي ويا، مينهن، ٻڪرين ۽ اُٺن سوڌو مال به مري ويو آهي. برسات جو سلسلو جاري رهڻ کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو ۽ فصلن کي به ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو وڌو ويو آهي. سکر، پنو عاقل، روهڙي، ڪنڌرا ۽ باگڙجي ۾ به ٻئي به ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ کانپوءِ عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، ٿڌ وڌي وڃڻ سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، جڏهن ته رستن تي برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي ۽ بجلي توڙي مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿيڻ سبب ماڻهن کي ٻٽي عذاب جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي آهي، گجگوڙ سان پيل برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، رستن ۽ گهٽي تي گندو پاڻي بيهڻ سان گڏ گٽر نالا اُٿلي پيا آهن، جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن سوڌو ٻين عمارتن ۾ پاڻي بيهجي ويو. شهدادڪوٽ ۾ ٻئي ڏينهن به تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت مسمات مريم خاتون ۽ سندس 6 ورهين جي ڌيءُ شمائلا مگسي دٻجي فوت ٿي ويون، جڏهن ته سندس پُٽ بلاول ۽ ڌيءُ زرينا زخمي ٿي پيا، جِن کي لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو. ٽنڊو جان محمد ۾ برسات دوران هوٽل تي وِڄ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ صدر الدين درس فوت ٿي ويو. خانپور مهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، ڳوٺ مٺڙي ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر پرويز انصاري فوت ٿي ويو. پيرڳوٺ ۽ ڀرپاسي ڪيترن ئي علائقن کان برسات جو وسڪارو ٿيڻ بعد بس اسٽينڊ ۽ بازارن توڙي گهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو، بجلي مڪمل طور بند ٿي وئي، جڏهن ته ڳوٺ خان محمد موهل ۾ وِڄ ڪرڻ سبب 2 مينهون مري ويون. چيلهار ۾ رات کان اڄ ٻئي ڏينهن تائين به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو، وِڄ ڪرڻ جا وڌيڪ واقعا به پيش آيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڪانهون زال ڪرشن ڀيل زخمي ٿي پيا، جڏهن ته وڌيڪ 16 ٻڪريون ۽ هڪ اُٺ به مري ويو. موهن جو دڙو جي ڳوٺ خميسو هليو ۾ گجگوڙ سان برسات دوران وِڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ نوجوان امتياز سولنگي فوت ٿي ويو، نوجوان زمين تي ڪم ڪري رهيو هو ته مٿس وِڄ ڪري پئي، سندس ڪپڙا ۽ جسم سڙي ويو. ٽنڊو ستي، هڱورجا، سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به گجگوڙ ۽ تيز هوا سان برسات پئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وونئڻ، ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جي فصلن کي نقصان پهتو آهي، جنهن کانپوءِ آبادگارن جا به مٿي تي هٿ اچي ويا. ناري تعلقي جي چونڊڪو، تجل، کينهواري ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته بجلي ۽ مواصلاتي نظام به ڊانواڊول ٿيڻ ماڻهن کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو آهي. جيڪب آباد ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به سياري جي برسات جو وسڪارو جاري رهيو، جنهن کانپوءِ بجلي ۽ گئس بند ٿي ويون، جڏهن ته ساريالي فصل کي نقصان جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. غوثپور ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، ڪاروبار متاثر ٿيو آهي، ٿڌ وڌڻ کانپوءِ ماڻهن گرم شين جو واهپو وڌائي ڇڏيو آهي. ڳڙهي خيرو، وارهه،ڳيريلو، پکو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻي رات ۽ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان تيز ۽ هلڪي برسات جو وسڪارو جاري آهي، برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، فيصلن کي نقصان جو خدشو پيدا ٿيڻ سبب آبادگار ٻٽِي پريشاني ۾ وڪوڙجي ويا آهن. لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، قمبر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ڪرمپور، ڪڪڙ، ميهڙ، سيوهڻ، بوبڪ، قاضي احمد، خانواهڻ، درياءَ خان مري ۽ ٻين علائقن ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. گجگوڙ سان برسات ۽ ڳڙو پوڻ دوران ماڻهو خوف ۾ وڪوڙجي ويا ۽ قرآن پاڪ جو ورد ڪرڻ لڳا. برسات ۽ ڳڙي سبب فصلن کي به ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو آهي. گذريل ڏينهن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ برسات ۽ ڳڙو پوڻ دوران وڄون ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ 21 ٿر واسين سوڌو 29 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ مال به مري ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *