سنڌ ۾ جهنگ جو قانون آهي، اسان جي حڪومت ايندي ته تعليمي نظام سڌاربو: عمران خان

ٽنڊو محمد خان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وڏي فخر سان چوان ٿو ته ڪي پي سڀ کان اڳتي آهي، وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ ۽ بلوچستان ڪي پي ۽ پنجاب کان پوئتي رهجي ويا. سنڌ ۾ اسان جي حڪومت ايندي ۽ اسان هتي تعليم جي نظام کي درست ڪنداسين، اڄ سنڌ جي ماڻهن کي صحت ۽ پوليس جو نظام سڀ کان وڌيڪ تنگ ڪري رهيو آهي. ڪي پي ۾ وليس جو نظام سڀ کان بهترين آهي. ٽنڊي محمد خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪي پي جي پوليس سياسي ناهي ۽ هوءَ ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ ناهي ايندي، ڪي پي ۾ عوام پوليس جي عزت ڪندو آهي ۽ هتان جو عوام پوليس کان ڊڄندو آهي. هن چيو ته آئون آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي رپورٽ پڙهيو رهيو هئس جنهن ۾ 14 هزار پوليس وارن تي ماڻهن ڪيس داخل ڪيا.  ڪي پي حڪومت سڀ کان وڌيڪ پيسو تعليم تي خرچ ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ جهنگ وارو قانون آهي، هڪ طاقتور شگر ملن کي بند ڪرائي ڇڏيو، انهن  شگر ملن جا مالڪ سوچيندا هوندا ته ڪي پي ۾ مل ڇو نه ٺاهي، جهڙي ڪرپشن اڄ سنڌ ۾ آهي هتي ڪنهن کي به سيڙپڪاري ناهي ڪرڻي، جيستائين معاشري ۾ انصاف نه هوندو خوشحالي نه ايندي، وڏا وڏا واڳون گهمن پيا، توهان مون سان گڏ بيهو اسان انهن جو مقابلو ڪنداسين، نوجوانن جو سڀ کان وڏ مسئلو روزگار آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن ملڪ ۾ روزگار نه ملندو جيسيتائين ان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ناهي ٿيندي، ٽنڊو محمد خان ۾ جيڪڏهن فيڪٽريون لڳيون ته ماڻهن کي نوڪريون ملنديون، ٽنڊو محمد خان ۾ شگر مل هڪ سبب جي ڪري بند پئي آهي، شگر مل ان ڪري بند آهي ڇو ته هتي جهنگ جو قانون آهي. جيڪڏهن آئون نااهل به ٿي وڃان ها نه تڏهن به نواز شريف مافيا کي نه ڇڏيان ها.  سڄي قوم ڏسي پئي ته ڇا نيب وڏن ڌاڙيلن کي پڪڙيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *