فوج ن ليگ خلاف سازش نه پئي ڪري، نواز شريف پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻي روئندو آهي: اعتزاز احسن

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته فوج ن ليگ جي خلاف سازش ناهي ڪري رهي پر نواز شريف پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻي روئندو آهي. اعتزاز احسن پنهنجي بيان ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر وڏيون ڳالهيون ڪندو آهي ته اسيمبلي هلندي نظر به نٿي اچي ۽ اسان هلائينداسين. هن چيو ته فوج ن ليگ خلاف سازش ناهي ڪري رهي، نواز شريف پنهنجن پيرن تي ڪهاڙي هڻي روئندو آهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي عادت بڻجي چڪي آهي ته هو بنا ڪنهن شئي کي ڏسڻ جي الزام لڳائيندي آهي. ن ليگ جي اڳواڻ  روئن پيا ته اسان کي ڇو ڪڍيو ويو جڏهن ته اڄ تائين ن ليگ اهو ناهي ٻڌايو ته هنن خلاف سازشون ڪير ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *