سنڌ ۾ برسات جا راڱا، پاڪ فوج متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ميدان تي اچي وئي

راوالپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ برساتن سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ مڪمل سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سنڌ حڪومت برسات سبب سخت متاثر ٿيل علائقن ۾ حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ پاڪ فوج کان سهڪار طلب ڪيو آهي، جنهن تي پاڪ فوج پاڻي جي نيڪال لاءِ سنڌ حڪومت کي پمپ فراهم ڪيا آهن. آرمي چيفجنرل قمر جاويد باجوا ان حوالي سان پاڪ فوج کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي سميت ٻين اها متاثر شهر ۾ پاڻي جي نيڪال ۽ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو وڃي.27

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *