سنڌ ۾ انتظامي يونٽ بڻايا پيا وڃن صوبي کي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين: پيپلز پارٽي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ انتظامي يونٽ بڻايا پيا وڃن صوبي کي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين ايم ڪيو ايم سنڌ جي صوبائي حد ۾ تبديلي جي خواهشمند آهي اهو ممڪن ئي ناهي ته صوبائي اسيمبلي جي مرضي بغير ايئن ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم الطاف حسين سان علحيدگي کانپوءِ به ان جي نظريات تي قائم آهي صرف الطاف حسين سان لاتعلقي واري اعلان تي ڪم نه هلندو هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو اهو طريقو آهي پهريون سازش ڪندا آهن پوءِ چوندا آهن سنڌ اسان جي امڙ آهي ايم ڪيو ايم آرٽيڪل 239 جي آرٽيڪل 4 کي ڪڍڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو آهي ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي غلط مقصد ۾ ناڪامي کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ اها ڪوشش ڪئي آهي ۽ پي ٽي آئي ان ترميم جي مخالفت ناهي ڪئي هاڻي اها ترميم سنڌ حڪومت کي موڪلي وئي آهي جنهن تي صوبائي ڪابينا اعتراض ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي رڪن کي ان جو حق حاصل آهي پر پي ٽي آئي انهن جي حمايت ڇو ڪئي ۽ اتحادي به خاموش رهيا اها ترميم صوبائي اسيمبلي جو اختيار کسڻ جي سازش آهي ايم ڪيو ايم خراب راند کيڏي رهي آهي ۽ ملڪ خلاف سازشن ۾ مصروف آهي اها سازش سنڌ جي لاءِ نه پر ملڪ جي ٻين ننڍن صوبن لاءِ به آهي. هن چيو ته ان ترميم سان ملڪ ۾ بحران پيدا ٿيندو ۽ ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي وڌندي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي ۽ سنڌ جو هڪ هڪ ماڻهو ان کي رد ڪندو  ان خلاف وڙهندو ۽ مرندو پر اها سازس ڪامياب نه ٿيڻ ڏبي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهندي آهي ته پوءِ ڇو ان کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندي آهي ايم ڪيو ايم جو اهو طريقو رهيو آهي ته وڙهايو ۽ حڪومت ڪيو. مشرف جي  دور کان وٺي اڄ تائين سنڌ کي ورهائڻ جي خواهش پنهنجي موت پاڻ مري ويندي. پي ٽي آئي جو پارلياماني معاملن وارو وزير انهن جو حامي ڪيئن ٿيو منهنجو سوال ان جماعتن سان به آهي جيڪي سنڌ جي تقسيم جي مخالفت ڪندا آهن پر اهي خاموش ڇو آهن هن چيو ته آئين ۾ طريقو موجود آهي پر صوبائي اسيمبلي کان ان جو حق ڇو کسيو پيو وڃي. اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني پيٽرول جا اگهه گهٽ نه ڪرڻ تي وفاق جي مذمت ڪئي اوگرا عالمي مارڪيٽ تحت پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي هئي پر اوگرا جي سفارشن تي عمل نه ڪيو ويو جڏهن ته اسد عمر ٻيا وزير ۽ عمران خان پاڻ پيٽرول ليوي ۾ گهٽتائي جي ڳالهه ڪندا هئا جيڪا ليوي 8 کان 9 رپيا هجڻ کپي اها 15 رپيا ورتي پئي وڃي جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سان حڪومت عوام کان 53 ارب رپيا ساليانو وصول ڪندي هن چيو ته گيس جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جي به تياري ڪئي اٿن سعيد غني چيو ته وفاقي حڪومت جي اپائڻ ڪارڻ ملڪ جي معيشيت کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي ماڻهو ڏينهون ڏينهن بيروزگار ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي سخت ڳڻتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *