اپوزيشن جو هڪ ئي موقف آهي ته موجوده حڪومت گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي: ن ليگ/جي يو آ ءِ(ف)

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي حوالي سان نواز ليگ جي سفارشن تي مجلس عاملا سان مشورن بعد جواب ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. احسن اقبال جي اڳواڻيءَ ۾ نواز ليگ جي وفد جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران نواز ليگ جي وفد طرفان پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي فيصلي بابت فضل الرحمان کي آگاهه ڪيو. اُن کانسواءِ آزادي مارچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي حوالي سان به صلاح مشورا ڪيا ويا. ملاقات بعد مولانا فضل الرحمان ۽ نواز ليگ جي وفد گڏيل طور ميڊيا سان ڳالهايون ڪيون. احسن اقبال چيو ته سندن جماعت مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي حمايت ڪري ٿي، سمورين اپوزيشن پارٽيز جو اِن معاملي تي هڪڙو ئي موقف آهي ته موجوده حڪومت ڌانڌلي جي نتيجي ۾ آئي آهي، اُن کي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي. ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي طوفان سبب ڪاروبار بند ٿي رهيا آهن، موجوده صورتحال جو ڪارڻ اناڙي وزيراعظم آهي، ائين نه ٿئي جو حڪومت جون ناڪامين جو بار عسڪري قيادت کي به کڻڻو پوي. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان آڏو ڳالهه رکي وئي آهي ته آزاد مارچ لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جيئن منظم ٿي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو مجلس عاملا اڳيان نواز ليگ جون سفارشون رکندو. اُن موقعي تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سڀني جو اتفاق آهي ته ملڪ اندروني طور ٻُڏي رهيو آهي، مهانگائيءَ جي ڪري عام ماڻهو صبح شام پريشان آهي، پاڪستان جي مذهب سڃاڻپ پڻ ختم ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *