سنڌ ۾ امن امان بابت 70 سيڪڙو ڪاميابيون مليون آهن، اغوا جو ڪو به ڪيس ناهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ امن امان بابت 70 سيڪڙو ڪاميابيون مليون آهن جڏهن ته هن وقت اغوا جو ڪو به ڪيس ناهي، رينجرز ۽ پوليس امن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ڪراچيءَ ۾ گرين لائين بس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وارِي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير منصوبي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهڙي ريت وڌيڪ 5 ٻيا منصوبا به شروع ڪيا ويندا جن کي ايندڙ اڍائي سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته لاهور – ڪراچي موٽر وي کي سکر بدران حيدرآباد کان شروع ڪيو وڃي ۽ ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلن جي حل لاءِ به پراجيڪٽ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بجلي جا مسئلا آهن، شهر کي ڪي فور پراجيڪٽ جي سخت ضرورت آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ امن امان بابت 70 سيڪڙو ڪاميابيون مليون آهن ۽ هن وقت اغوا جو ڪو به ڪيس ناهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن جي بحالي ۾ رينجرز ۽ پوليس وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *