دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي پاڪ فوج کي دنيا بهترين فوج ثابت ڪيو آهي:آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي پاڪ فوج کي دنيا جي بهترين فوج ثابت ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، پنجاب جي شهر بهاولپور  پاڪ فوج جي جوانن جون جنگي مشقون پڄاڻي تي پهتيون آهن، جن جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف جائزو ورتو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جنگي مشقن ۾ حصو وٺندڙ فوجي جوانن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين پاڪ فوج کي دنيا جي بهترين فوج ثابت ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي هر طرح جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو، پاڪ فوج امن دشمنن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *