سنڌ ورهائڻ مذاق ناهي، ڪالاباغ ڊيم وانگر ورهاڱي جي سازش کي عوام رد ڪري ڇڏيندو: نثار کهڙ

مير پور خاص (بيورو)سنڌ  جي تعليم واري سنئير صوبائي وزير نثار احمد کهڙو اڄ عمرڪوٽ جي گرلس ۽ بوائيز اسڪولن ۾ شاگردياڻين ۾ وظيفي جا   100 اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ 600 پي ايس ٽي جا آفر آڊر ورهائڻ واري تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ترجياتي بنيادن تي اقدامات ڪري رهي آهي ۽ هاڻي ڪا به ڪرپشن تعليم کاتي ۾ برداهشت نه ڪندس ، هن چيو ته عمرڪوٽ جا 7071 شاگردياڻين  ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 49014 شاگردياڻين ۾ 25 سو کان 35 سو روپين تائين وظيفي اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ايزي پئسن جي ذريعي ڏنا ويندا ،  هن چيو ته اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي انرولمينٽ وڌڻ جي صورت ۾ سنڌ جي هر هڪ اسڪول ۾ هڪ ويلي جي ماني فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ۽ شاگردياڻين جي ان وظيفي کي پڻ واڌارو آندو ويندو ، هن چيو ته سنڌ ورهائڻ مذاق ناهي ڪالاباغ ڊيم وانگر سنڌ  جي خلاف ٿيندڙ سازش کي پڻ رد ڪري ڇڏيندو سنڌ ۾ وڌيڪ ڪو به صوبو نه ٺهندو سنڌ هڪ هئي هڪ آهي ۽ هڪ رهندي  سنڌ ۾ ڌار صوبي ۽ انتظامي يونٽ جون ڳالهيون فضول آهن اهڙي ڳالهين سان سنڌ ۾ رهندڙ وچ ۾ نفرتون وڌنڌيون، هن چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌليءِ جي جاچ ٿيڻ گهرجيءِ جاچ کان پهريان ڪنهن کي ڏوهي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي،هن چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت قائم ڪئي ۽ پيپلزپارٽي جا ڪارڪن شهيد راڻي جي مشن کي هر هال ۾ پورو ۽ ڪنهن به قرباني جي پرواهه نه ڪندا، هن موقعي تي تقريب سان خطاب ڪندي  صوبائي وزير پاپوليشن سيد حاجي علي مردان شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ترجياتي بنياد تي تعليم تي خصوصي توجه ڏئي رهي آهي، هن چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو مشن غريب عوام جي خدمت ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ خوشحالي  جي بحالي هئي ، هن چيو ته استادن تي فرض آهي ته جيڪي اوهان کي زميداريون ڏني ويون آهن اهي ايمانداري ۽ احسن طريقي سان نڀائن جڏهن ته ٻارڙن جي تعليم جو دارومدار استادن جي ڪارڪردگي ۽ پرائمري تعليم تي هوندي آهي ۽ ٻارڙن جي پرائمري تعليم تي اوهان کي ڀرپور توجه ڏيڻي پوندي جڏهن ته ٻارڙا اسان جي مستقبل جا ممعار آهن ۽ انهن جي بهتر تعليم جي لاءِ اسان کي ڀرپور محنت ڪرڻي پوندي ، هن موقعي تي تقريب سان خطاب ڪندي ايم پي اي نواب تيمور تالپر چيو ته مونکي ان ڳالهه جي خوشي آهي جيڪي اڄ 600 آفر آڊر ميرٽ تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي ڏنا ويا آَهن اهي خالص ميرٽ تي آهن ۽ اڳتي تعليم کاتي ۾ ميرٽ جي بنياد تي عملدارمد ڪرايو ويندو ، تقريب ۾ سابق ايم پي حاجي علي مراد راجڙ ، ڊپٽي ڪمشنر مخدوم عقيل الزمان ، ميڊم صبا ، ڊاريڪٽر تعليم ميرپورخاص رسول بخش شاهه، ڊي او ايجوڪيشن اشرف لغاري ٽيڪم داس هرچنداڻي، حاجي انور علي راجڙ ۽ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *