تحريڪ انصاف ڪوڙ جي سياست تي ڌرڻو ڏنو ۽ فوج تي سياست ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

نئون ديرو (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪوڙ جي سياست تي ڌرڻو ڏنو ۽ فوج تي سياست ڪئي، ايم ڪيو ايم کي اهڙو طرز عمل نه اپنائڻ گهرجي، پيپلزپارٽي جي جيالن کي سنڀاليون ويٺا آهيون، مفاهمت ۽ ڪراچي جي امن خاطر ڪنهن قسم جو رد عمل نه ڪريو، پيپلزپارٽي مفاهمت ۽ اهم آهنگي جي سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان لاءِ بيهڻ گهرجي. نئون ديرو هائوس مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي جيالن کي سنڀاليون ويٺا آهيون ۽ انهن کي درخواست ڪئي آهي ته مفاهمت ۽ ڪراچي جي امن خاطر ڪنهن قسم جو رد عمل نه ڪيو وڃي. هن چيو ته پيپلزپارٽي مفاهمت ۽ هم آهنگي جي سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. تحريڪ انصاف ڪوڙ جي سياست تي ڌرڻو ڏنو ۽ فوج تي سياست ڪئي جنهن کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم سميت سڀني سياسي جماعتن کي معاشري کي ورهائڻ جي سياست نه ڪرڻ گهرجي. اسلامآباد ۾ جاري ڌرڻن پهريان ئي قوم تي خراب اثر ڇڏيا آهن، بلاول چيو ته سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *