سنڌ عالمي يتيم خانو ناهي جو سڄي دنيا کان آيل پناهگيرن کي سنڌ ۾ رهايو وڃي: لال مالھي

اسلام آباد (اين اين آءِ) مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته ڪوبه پاڪستاني پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾ زمين خريد ڪري سگهي ٿو 1965 ۽ 71 جي پاڪ ڀارت جنگين کان پوءِ متاثر ماڻهن جي حقن جي ڀڃڪڙين بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس اسامه قادري پيش ڪيو علي محمد خان چيو ته ڪوبه پاڪستاني پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾ زمين خريد ڪري سگهي ٿو هن چيو ته 1965 ۽ 1971 جي جنگ ۾ ڪجهه زمينون حڪومت پنهنجي قبضي ۾ ورتيون هن چيو ته ٿرپارڪر، مٺي، ڇاڇرو، نگرپارڪر، جيڪب آباد ۾ دشمن پاران ڇڏيل ملڪيتون آهن انهن زمينن تي گهڻي ڀاڱي قبضو ٿي چڪو آهي هن چيو ته 2018 کان اسان انهن زمينن جي حوالي سان قدم کنيا. قبضو ڇڏائڻ کان پوءِ فيصلو ڪنداسين ته اهي زمينون ليز تي ڏيڻ گهرجن يا نه هن چيو ته مواصلات وزارت ان معاملي تي عدالتي ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته 18هين ترميم جا فائدن سميت نقصان به ظاهر ٿيا آهن هن چيو ته 18هين ترميم ۾ جيڪا ڪمزوري آهي ان تي ڳالهائڻ گهرجي 18هين ترميم کان پوءِ روينيو جا معاملا صوبا ڏسن ٿا هن چيو ته سنڌ دشمن پاران ڇڏيل ملڪيتن تي سنڌ حڪومت به ڪميٽي ٺاهي آهي هي معاملو ڪميٽي ڏانهن اماڻيون اتي ان جو جائزو ورتو ويندو. عدالت ۾ التوا هيٺ معاملن کي پارليامينٽ جي ڪميٽي نٿي ڏسي سگهي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ ڪشور زهره چيو ته لياقت علي خان اربين رپين جي پراپرٽي ڀارت ۾ ڇڏي آيو ان جو پٽ ڊائسلاسس ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير کي درخواست ڪري رهيو آهي هن چيو ته متروڪه وقف املاڪ جو ادارو پنهنجي ذميوري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، 1965 ۽ 71 جي جنگ ۾ جن جي زمين تي قبضو ڪيو ويو انهن کي ڪجهه نه ڏنو ويو علي محمد خان جواب ڏيندي چيوت ه تاريخ ۾ کوڙ ساريون ناانصافيون ٿيون سڀ گڏجي ويهون ته ناانصافين جو ازالو ٿي سگهي ٿو علي محمد خان چيو ته وفاقي حڪومت ڇڏيل ملڪيت جي حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. سنڌ جي متروڪه دشمن املاڪ تي عدالتي ڪيس ختم ٿيڻ کان پوءِ پاليسي ٺاهڻي پوندي پهرين ترجيح انهن زمينن تان قبضو ڇڏائڻ آهي، ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اقبال محمد علي چيو ته 1950 جي نهرو لياقت معاهدي مطابق ماڻهن کي سندن حق ڏنو وڃي. هن چيو ته اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي جو آڊٽ ڪرائڻ گهرجي. اويڪيو ٽرسٽ حقدارن جي ملڪيت کي غيرقانوني طور تي وڪرو ڪيو هن چيو ته ان معاملي کي ڪميٽي ۾ موڪليو وڃي ته جيئن ان تي ڳالهه ٿي سگهي، سنڌ جي متروڪه دشمن املاڪ تي وفاق سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. بهارين کي 1971 ۾ پاڪستان زنده باد جو نعرو هڻڻ جي سزا ڏني وئي هن چيو ته زمينن جو قبضو ڇڏائڻ کان پوءِ ئي ڪائي پاليسي ٺاهي ويندي مير غلام علي ٽالپر چيو ته متروڪه وقف املاڪ جون کوڙ ساريون زمينون آهن سمجهڻو پوندو ته هي ريگستان جون زمينون آهن هن چيو ته بدين ۾ بجلي جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي کنڀا ۽ تارون هر ايندڙ ڏينهن ڪري پون ٿا حيدرآباد ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جو واقعو سب ڄاڻن ٿا لال چند مالهي چيو ته صادق آباد ۾ مندر کي بحال ڪرڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي اميد آهي ته مندر تي حملو ڪندڙن کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته نادرا جا جيڪي ماڻهو جعلي آئي ڪارڊ ٺاهڻ ۾ ملوث هئا انهن جي خلاف ڪارروائي کان آگاهه ڪيو وڃي سنڌ عالمي يتيم خانو نه آهي جو سڄي دنيا مان جيڪو اچي اهو سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي نزحت پٺاڻ چيو ته قومي اسيمبلي اجلاس جو شيڊول ٺاهيندي عيسوي تاريخ ئي نه پر اسلامي تاريخ کي به ذهن ۾ رکو محرم عبادت جو مهينو آهي ان ۾ عاشوره تائين ته اجلاس نه ٿيڻ گهرجي. سرداررياض مزاري چيو ته راجنپور کي 300 ڪلوميٽر پري کان زرعي پاڻي ملي ٿو، ٽن مهينن کان پاڻي نه پيو ملي هن چيو ته رحيم يار خان مندر واقعي ۾ چڙ ڏياريندڙن کي نه پيو پڪريو وڃي. چڙ ۾ ايندڙن کي پڪڙيو پيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *