سنڌ ڪابينا نيب کان وي آر تحت اوڳاڙيل ڏيڍ ارب رُپيا واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ ڪابينا نيب کان وي آر تحت اوڳاڙيل ڏيڍ ارب رُپيا واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين کي پئسا واپس ڪرڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو، نيب طرفان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ مختلف آفيسرز کان وي آر تحت اربين رُپيا اوڳاڙيا ويا هئا، ڪابينا ايس آر بي ايڪٽ ۾ به ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، مشينري، ساز و سامان ۽ اوزارن تي ٽئڪس 5 سيڪڙو وڌائي 13 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آھي، ڪي ايم سي ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهر هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، سنڌ ڪابينا ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهرن لاءِ الاٽ ٿيل 29 ايڪڙ زمين واپس وٺي ڇڏي، ڪوس گهرن جي زمين تي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ بائيو گئس پلانٽ لڳايو ويندو، ڪي ايم سي کي ڪنهن ٻي زمين تي ڪوس گهر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.سنڌ ڪابينا فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي نوڪري ڏيڻ لاءِ ڊسيز ڪوٽا جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڊزيز ڪوٽا تحت فوت ٿي ويل سرڪاري ملازم جو ٻاڙ ننڍي عمر جو آهي ته لاڳاپيل اداري کي آگاهه ڪرڻو پوندو، اُهو ٻار جيئن ئي 18 سالن جو ٿيندو ته ٽن مهينن اندر ڊسيز ڪوٽا تحت نوڪري لاءِ درخواست ڏيندو، فوت ٿيل غير شادي شده سرڪاري ملازمن جو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڊزيز ڪوٽا لاءِ اهل قرار ڏنا ويا آھن، فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي پونيئرن جي مالي سهائتا لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، صوبائي وزير امتياز شيخ، ڄام خان شورو ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ڪميٽي ۾ شامل، ڪميٽي فوتي ملازمن جي پونيئرن جي مالي مدد لاءِ جامع پيڪيج تجويز ڪندي، ڪابينا جي اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه سيڪريتري فنانس کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي، جنهن ۾ لاڏاڻو ڪري ويل ملازم جي پگهار، رٽائرمينٽ جي عمر تائين جاري رهي سنڌ ڪابينا بلديات کاتي جي سب انجنيئرز جون پگهارون آبپاشي ۽ ورڪس کاتي جي برابر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ملازم جي پگهار بند نه ٿيندي، ايس ايس يو جِي جو ملازم لوڪل گورنمينٽ کي رپورٽ ڪندو ته بورڊ طرفان فوري پگهار جاري ڪئي ويندي، ڪابينا ايس آر بي ايڪٽ ۾ به ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، مشينري، ساز و سامان ۽ اوزارن تي ٽئڪس 5 سيڪڙو وڌائي 13 سيڪڙو مقرر، ڪي ايم سي ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهر هلائڻ ۾ ناڪام، سنڌ ڪابينا ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهرن لاءِ الاٽ ٿيل 29 ايڪڙ زمين واپس وٺي ڇڏي، ڪوس گهرن جي زمين تي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ بائيو گئس پلانٽ لڳايو ويندو، ڪي ايم سي کي ڪنهن ٻي زمين تي ڪوس گهر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *