سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياري ڪري رهي آهي : قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياري ڪري رهي آهي. ڪراچي ۾ شيري رحمان جا سينيٽ ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي قائم علي شاهه چيو ته اسان نوجوانن جي روزگار لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ان موقعي تي شيري رحمان چيو ته پ پ ڏکئي گهڙيءَ ۾ جمهوريت جو ساٿ ڏيندي، 18 هين ترميم تي عمل ان وقت نظر ايندو، جڏهن وسيلا صوبن کي منتقل ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت گذريل بجيٽ ۾ سمورا حدف پورا نه ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪي آهي، جڏهن ته توانائي بحران، بيروزگاري ۽ قرضن جو بار نه وڌائڻ جي ذميواري به وفاقي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *