برساتون نه وسڻ ڪري حب ڊيم ۾ پاڻي گهٽجي ويو، کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيون پيا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڌسماءَ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي کوٽ سان منهن ڏيڻو پيو آهي ، ان مسئلي جي حل لاءِ سنڌ حڪومت ۽ مڪاني ادارن وارو کاتو ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ گهرج جي ڀيٽ پاڻي جي فراهمي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي سبب کوٽ ٿي، پنهنجي آفيس ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ سراج قاسم تيلي جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻچيو ته برساتون نه وسڻ ڪري هن وقت حب ڊيم ۾ 100 ايم جي ڊي پاڻي گهٽ آهي، هن چيو ته ڌاٻيچي پمپنگ اسٽيشن مان ڏهاڙي 510 ايم جي ڊي پاڻي جي مڪمل فراهمي ۽ 1000 مفت ٽينڪرز ذريعي متاثر علائقن ۾ پاڻي پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سان عوام کي وڏي حد تائين رليف مليو آهي، هن چيو ته مفت ٽينڪر اسڪيم ان وقت تائين جاري رکي ويندي جيسيتائين اسان پاني جي بحران تي ڪنٽرول نه ٿا ڪري وڃون، صوبائي وزير صنتعڪارن ۽ واپارين کي سنڌ حڪومت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي پاران پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو.هن چيو ته هن وقت 2 منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي، جن ۾ هڪ 65 ۽ ٻي 100 ايم جي ڊي پاڻي جي رٿا آهي، جڏهن ته گريٽر جي فور رٿا 10 جون کان شروع ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *