سنڌ سرڪار تي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي، ڇو نه چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي وڃي؟: امير هاني مسلم

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ غير قانوني مقررين، ڀرتين ۽ ڊپوٽيشن بابت ڪيس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري کي توهين عدالت جا شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار تي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي، ڇو نه چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي وڃي.؟ چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ سنڌ پوليس سميت مختلف کاتن ۾ آفيسرز جي غير قانوني مقررين، ترقين ۽ ڊيپوٽيشن تي مقررين بابت مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران هڪ درخواستگذار محمود اختر نقوي موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسر آغا مقصود کي ايل ڊي اي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. جسٽس امير هاني مسلم سوال ڪيو ته آغا مقصود کي ڪهڙي قانون تحت ايل ڊي اي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.؟ جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ حڪومت تي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙين جو الزام آهي، ڇو نه چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي وڃي. عدالت، توهين عدالت درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت، اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ کي 4 پوليس آفيسرن نور الحق رند، علي اصغر شاهه، ارشاد سيهڙ ۽ منير کهڙو جا سروسز پروفائيل به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *