اسان جمهوريت طرف وڃي رهيا آهيون، اهو وقت گذري ويو جڏهن مارشلا لڳندي هئي ۽ ڊڪٽيٽر اچي ويندو هو: خورشيد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻي خورشيد  شاهه چيو آهي ته اسان جمهوريت طرف وڃي رهيا آهيون، اهو وقت گذري ويو، جڏهن ته مارشلا لڳندي هئي ۽ ڊڪٽيٽر اچي ويندو هو. ڪراچي ۾ عالمي ڪتاب ميلي جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائندي خورشيد شاهه چيو ته  عمران خان کي ميچوئر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو ۽ هن اڳ ۾ ئي چيو ته جيڪڏهن پاڻ به کٽي ويندو  ته چوندو مان ان کي نٿو مڃان. هن چيو ته تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ گورنر، وڏي وزير ۽ وزيرن جي ڪوٽا ختم ٿيڻ سان غريب شاگردن کي فائدو پهتو آهي. خورشيد شاهه چيو ته اسان تعليم تي ڌيان نه ڏنو ان ڪري پڙهيل لکيل قوم سڏائي نٿا سگهون ۽ دنيا اسان جي لسٽريسي شرح کي به تسليم نٿي ڪري. هن چيو ته اسان وڏا ڪارناما ڪيون ٿا پر ڪتاب کي پنهنجو دشمن سمجهون ٿا پر ياد رکڻ گهرجي ته ماضي کي  ڏسڻ لاءِ ڪتاب اهم هوندو آهي. خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن۾ ساڻن جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هوبه پريشان آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي سميت ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ۽ پارليامينٽ جي آزادي وارو ملڪ ئي ترقي يافته سڏبو آهي.  ذوالفقار مرزا  کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ بات پڇيل سوال جي جواب ۾خورشيد شاهه چيو ته اڳ ۾ هو پنهنجي ماڻهن جو  تحفظ ته ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *