سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف لازمي احتجاج ڪيا ويندا: ناصر شاھھ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ 70 سيڪڙو ملڪ جي آمدني ۾ حصو وجهي ٿو پي ايس ڊي پي جو حصو ملي ئي نٿو، جڏهن پنهنجي حصي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته چون ٿا ته سنڌ ڪارڊ کيڏي رهيا آهيون اسان سڄي پاڪستان جي ڳالهه ڪيون ٿا جتي به ناانصافي ٿيندي اسان ڳالهائينداسين لوڊشيڊنگ جو خراب حال آهي، حسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان بجلي فراهم ئي نه پئي ڪئي وڃي عام ماڻهو نه ٻن ويلن جي ماني کائي سگهي ٿو نه گهر جي مسواڙ ڏئي سگهي ٿو سنڌ انفرااسٽريڪچر جي نالي سان ڪمپني ٺاهي ان کي فنڊ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي سنڌ سان ايئن ڇو ڪيو ٿو وڃي فنڊز جي مد ۾ سنڌ کي رهتون 87 بلين ناهن ڏنا ويا فهميده مرزا پاڻ 18هين ترميم جو ڪريڊٽ وٺندي رهي آهي ۽ اڄ ان ترميم کي رياست اندر رياست جو واويلا ڪري رهي آهي وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب سڄي ملڪ مان اپوزيشن ۽ پي ڊي ايم اڳواڻ کٽي ويا، حڪومتي پاليسين جو نتيجو عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي اسان تي اهي ماڻهو به شهري مسئلن تي تنقيد ڪري رهيا آهن جن 12 مئي ۽ بلديه فيڪٽري ۾ ماڻهن کي جيئري ساڙي ڇڏيو انهن ارادن کان پوءِ وري ڌار صوبي جي گهر ڪرڻ شروع ڪن ٿا اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ انفرااسٽريڪچر جي نالي سان ڪمپني ٺاهي ان کي فنڊ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ڇا پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ اهڙي ڪنهن ڪمپني کي فنڊ ڏنا ويا؟ يا ڪائي ڪمپني ٺاهي وئي ان حوالي سان سنڌ سان اهڙو ورتاءُ ڇو پيو ڪيو وڃي اسد عمر جهڙو سنجيده وزير به نالن جي نالي تي تنقيد ڪري جيتوڻيڪ هي حقيقتن جي ابتڙ آهي، علي زيدي ڪچرو کنيو ۽ دعويٰ ڪئي ته هڪ لک 30 هزار ڪچرو نالن مان ڪڍيو آهي پر جڏهن هي ڪچرو ٻاهر اڇلايو ويو ته رڳو 18 هزار ٽن ڪچرو هو ٻيو ڪچرو ڪاڏي ويو. اطلاعات واري وزير ڇيو ته ڪالهه هڪ پي ٽي آءِ عورت جيڪو رويو پيپلزپارٽي جي هڪ اسيمبلي ميمبر سان ڪيو ان جو ڪوئي جواز آهي؟ ڪووڊ سبب جيڪڏهن ڪٿي لاڪ ڊائون وفاق ڪري ته اسان ان جي مخالفت نٿا ڪريون پر جڏهن اسان ڪوود کان عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ قدم کڻون ٿا ته اسان تي تنقيد به هي ئي سياسي پارٽي ڪري ٿي. ناصر شاهه چيو ته اسان واحد صوبائي حڪومت آهيون جنهن مڪاني نظام کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو پر ان جي معاونت به ڪئي ان جي ابتڙ پنجاب ۽ وفاق ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهن هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي ۽ پوليس کي جديد هٿيار ڏنا پيا وڃن. اغوا ٿيلن کي آزاد به ڪرايو ويو ڪيترائي ڊاڪو مارجي چڪا ڪيترن ئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي پريس ڪانفرنس دوران بحريه ٽائون واقعي تي صحافين سوال ڪيا هن جواب ۾ چيو ته بحريه ٽائون جي هميشه پٺڀرائي جو الزام پيپلزپارٽي تي لڳايو ويو ٻئي پاسي هاڻي بحريه ٽائون تي حملي جو الزام به پيپلزپارٽي تي لڳايو پيو وڃي هن چيو ته احتجاج جو حق سڀني کي آهي پر ڪنهن کي وڳوڙ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي ڪنهن سان سنڌ ۾ اسان زيادتي نه ٿيڻ ڏينداسين انتظاميه کي احتجاجي ماڻهن چيو ته اهي پرامن اهتجاج ڪري ڇڙوڇڙ ٿي ويندا پوءِ سڀني ڏٺو ته روڊ رستا بند ڪيا ويا رياست جي خلاف نعرا هنيا ويا ۽ ملڪيتن کي نقصان رسايو ويو ناصر شاهه چيو ته احتجاج ڪندڙن ۾ الطاف حسين جون تصويرون کڻي ماڻهن به شامل ٿيا هي هڪ الآرمنگ صورتحال آهي اوهان قائد ڇڏيو آهي، اوهان کي ان جي سوچ به ڇڏڻي پوندي ايم ڪيو ايم کي پاڻ ڪراچي جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته ڪنهن سان زيادتي ناهي ٿي. ۽ ڪنهن جو حق به ناهي ويو اٽي لٽي ۽ اجهي تي عمل رڳو پاڪستان پيپلزپارٽي ڪري ٿي محترمه بينظير ڀٽو جي نالي تي اسان غريبن کي مفت گهر ٺاهي ڏنا آهن ڇا ڪنهن صوبي ۾ اهڙو مثال آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *