آئي ايم ايف کي ٻڌائي ڇڏيو تھ غريب ۽ پگھاردار طبقي تي بار نٿا وجھي سگھون: شوڪت ترين

اسلام آباد  (اين اين آءِ) ناڻي بابت وفاقي وزير شوڪت ترين اقتصادي سروي 2020-21 جاري ڪري ڇڏي ۽ چيو ته معيشت ريڪور ٿي رهي آهي، هاڻ اسان استحڪام ڏانهن وڌي رهيا آهيون. پري بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته هن سال فيبروري ۾ ڪورونا وري ڪَر کنيو ۽ الله جو شڪر آ ته هاڻ وبا ڪنٽرول ۾ آهي، ڪورونا سبب معاشي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پر معيشت هاڻ ريڪور ٿي رهي آهي، ناڻي جي پهچ ثابت ڪري ٿي ته اوورسيز جو عمران خان سان واسطو آهي، ناڻي جي پهچ 29 سيڪڙو کان گروٿ ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ اسان جو سرپلس هلي رهيو آهي، ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا جيڪي 2018 ۾ 7 ارب ڊالر هئا، هاڻ 16 ارب ڊالرن تائين آهن. هن چيو ته ايف بي آر جون ٽيڪس وصوليون بهتر هلي رهيون آهن ۽ ٽيڪس وصوليون گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، ٽي چار مهينن کان ماهوار گروٿ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، صنعتن ۾ 26 سيڪڙو گروٿ آئي آهي، اسان مهانگائي گهٽائڻ لاءِ پيداوار وڌائڻ چاهيون ٿا، زراعت ۾ پيداوار کي وڌائينداسين، هاڻ اسان کي پنهنجو انفرا اسٽرڪچر به ٺيڪ ڪرڻو پوندو، زراعت تي زور ڏيڻو پوندو ۽ ڪوشش ڪنداسين ته برآمدون وڌن. سندس چوڻ هو ته اسان بجيٽ 5.7 ٽريلين جي رکي آهي، 1.7 ٽريلين قرض وڌيو آهي، گذريل سال 3.7 ٽريلين قرض وڌيو، جيڪو هن سال ان جو اڌ آهي، وياج جي شرح 13.2 مان گهٽائي 7 سيڪڙو تائين آندي وئي، اسان گروٿ کي 5، 6، 7 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ گروٿ آڻينداسين، اسان 4 سيڪڙو اوسر جي شرح تي آهيون، اها 7 کان 8 سيڪڙو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پائيدار اوسر شرح جي ڊگهي استحڪام لاءِ قدم کڻنداسين. شوڪت ترين چيو ته هن ڀيري بجيٽ ۾ غريب ماڻهو تي ڌيان ڏنو ويو آهي، اسان کي غريب جي زندگي سولي ڪرڻي آهي، ان جا خواب پورا ڪرڻا آهن ۽ هن بجيٽ ۾ اسان لاءِ غريب پهرين ترجيح هوندو، آءِ ٽي 50 سيڪڙو گروٿ ڪري رهي آهي، ان کي 100 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، روايتي شين سان گڏوگڏ ٻين شين جي برآمد به وڌائينداسين، اسان کي برآمدن سان ۽ سڌي ريت سيڙپڪاري ڪرڻي آهي، اڳڪٿي نٿو ڪري سگهان گري لسٽ مان وائيٽ ۾ اچي وينداسين. هن ٻڌايو ته مارچ کان پوءِ ماهوار بنياد تي ٽيڪس ڪليڪشن جي نمو 50 کان 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان لاءِ اسان جو ڪاٿو  آهي ته اسان 47 کرب رپين جي ڪاٿي کان به اڳتي نڪري وينداسين هن چيو ته انهيءَ اندازي جي بنياد تي ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ هي ڪاٿو 58 کرب رپيا رکيو آهي، پرائمري بيلنس کي سرپلس ۾ کڻي هليا آهيون جيڪو 12 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٿيو ناڻي واري وزير چيو ته مهانگائي جي ڳالهه ٿئي ٿي پر اسان نج کاڌي پيتي جون شيون امپورت ڪرڻ وارو ملڪ بڻجي ويا آهيون، اسان ڪڻڪ، کنڊ، ڌاليون، گيهه ٻاهران گهرائي رهيا آهيون جنهن سبب بين الاقوامي سطح تي قيمتون گهٽ وڌ ٿيڻ سان متاثر آهيون ان کان بچي نٿا سگهون ناڻي واري وزير موجب گذريل 12 مهينن دوران کنڊ جون عالمي قيمتون 58 سيڪڙو وڌيون جڏهن ته اسان وٽ کنڊ جي قيمت 19 سيڪڙو وڌي. پام آئل جي قيمت ۾ 102 سيڪڙو، سويابين جي قيمت ۾ 119 سيڪڙو ٿيو جڏهن ته اسان وٽ پام آئل جي قيمت ۾ رڳو 20 سيڪڙو اضافو ٿيو هن چيو ته ڪچي تيل جي قيمت ۾ 119 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن جا اثر اسان عوام تائين پهچڻ نه ڏنا ۽ گذريل سوا مهيني کان بلڪل به تيل جي قيمت ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي. شوڪت ترين چيو ته گڏيل طور تي اسان وٽ تيل جي قيمت ۾ 32 سيڪڙو واڌ ٿي يعني 86 سيڪڙو اسان جذب ڪري ورتو. ناڻي وزير موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 29 سيڪڙو واڌ ٿي ته ااسن کي به 29 سيڪڙو ئي وڌائڻي پئي ان ۾ فرق نه آهي، پر چانهه جي پتي جي قيمت 8 سيڪڙو وڌي پر اسان ڪائي واڌ نه ڪئي. هن چيو ته اسان قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پر هي اڃا به وڌيڪ آهن جنهن جو اثر عام ماڻهن تي پئجي رهيو آهي ۽ ان جو حل پنهنجي زرعي پيداوار ۾ واڌ ڪرڻ آهي، جنهن تي بجيٽ ۾ گهڻو زور ڏنو ويو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ٻيهر نيٽ ايڪسپورٽر بڻجون ڇو ته پنهنجي پيداوار جون قيمتون اسان ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا ناڻي واري وزير چيو ته هول سيل مارڪيٽ ۾ ماڻهو تمام گهڻو مارجن بڻائي رهيا آهن جنهن کي اسان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان زرعي شعبي ۾ کاڌي پيتي جي شين جا گودام ۽ ڪولڊ اسٽوريج آڻي رهيا آهيون ۽ اسان چار کان 5 اهم شين ڪڻڪ، کنڊ، ڌالين ۾ اسٽريٽجڪ رزرو بڻائي رهيا آهيون ته جيئن شيون ذخيرو نه ٿي سگهن هنچ يو ته ان کان علاوه اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا ۾ سڀ کان بهترين آهي، وياج جي شرح ۾ واڌ، ايڪسچينج ريٽ وڌڻ سان قرضن جون ادائيگيون 1500 ارب مان وڌي 3000 ارب رپين تائين ٿي ويون. ناڻي واري وزير چيو ته مارچ جي پڄاڻي تائين اسان جو ڪل قرض 380 کرب رپيا هو جنهن مان اڍائي سئو کرب مقامي قرض جڏهن ته اٽڪل 120 کرب پرڏيهي قرض آهي ۽ گذريل سال جي ڀيت ۾ رڳو اٽڪل 17 کرب رپين جي واڌ ٿي آهي، جڏهن ته هن کان اڳ واري سال ۾ هي واڌ 36 کرب رپيا هئي هن ٻڌايو ته هن ڀيري قرضن ۾ واڌ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گهٽ آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي قرض 7 کرب رپيا گهٽ آهي، ۽ هي جون 2020 ۾ 131 کرب رپيا هو جيڪو 125 کرب رپين تي اچي ويو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته قرض مجبوري آهي، مالي خسارو وڌيڪ هوندو ته ڪٿان ته ري فنڊ ڪرڻو آهي يا ته روينيو وڌي وڃي ۽ هي عارضي به هو ڇو ته هڪ وقت ۾ وياج جي شرح 13.25 سيڪڙو تائين ٿي وئي هئي. جيڪا واپس 7 سيڪڙو تي اچڻ سان ان ۾ استحڪام ايندو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ويو 5 ارب 30 ڪروڙ رپين جي ڊمانڊ هئي. جنهن تي اڍائي ارب ڊاالر ورتا ويا هن چيو ته صنعتن ۾ سستي ٽيرف جي ذريعي بجلي جي کپت وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 26 سيڪڙو واڌ ٿي، سيلولر فونز 18 ڪروڙ 20 لک ٿي ويا آهن جڏهن ته براڊ بينڊ جا اٽڪل 10 ڪروڙ سبسڪرائبر ٿي ويا آهن ناڻي واري وزير چيو ته احساس پروگرام کي ڊاڪٽر ثانيه نشتر هڪ ڪروڙ 50 لک گهراڻن تائين پهچايو ۽ ان ۾ ايمرجنسي ڪيش ۽ ٻيون مراعتون ڏنيون ويون اهڙي طرح وزيراعطم ڪامياب جوان پروگرام جاري ڪيو جنهن سان ساڍا اٺ کان 9 هزار ماڻهو فائدووٺي چڪا آهن، بلين ٽري سونامي موجب هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون هن ٻڌايو ته ريٽنگ ادارن موڊيز، فچ وغيره اسان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪئي. هي ان ڳالهه جي سند آهي ته اسان جو استحڪام جو پروگرام ڪامياب ٿيو ۽ هاڻي اسان کي معاشي واڌ ڏانهن وڃڻو آهي هن چيو ته اسان ڪيستائين معيشت مستحڪم ڪرڻ ۾ لڳل رهنداسين. معيشت جو ڦيٿو تيز هلائي جڏهن شرح واڌ 7 کان 8 سيڪڙو آڻينداسين ته انهيءَ وقت نوجوان نسل کي گهربل روزگار فراهم ڪري سگهنداسين. هن ٻڌايو ته هن دفعي بجيٽ ۾ سڀ کان وڏي شئي اها هوندي ته اسان کي غريب جو خيال رکڻو آهي، استحڪام دوران ۽ 74 سالن کان غريب پيسجي ويو آهي، جنهن کي اسان خواب ڏيکاريندا رهيا آهيون ته مٿان معيشت ترقي ڪندي ته ان جا اثر هيٺ ايندا جيتوڻيڪ اهو ان وقت ٿي سگهي ٿو جڏهن نمو جتادار ۽ 20 کان 30 سالن تائين مسلسل ٿئي. جيئن چين، ڀارت، ۽ ترڪي ۾ آهي، ناڻي واري وزير چيو ته جيڪي ملڪ جٽادار ترقي ڪن ٿا انهن ئي 20 کان 30 سالن تائين مستحڪم نمو ڪئي آهي جڏهن ته اسان جي نمو پئسا اڌارا وٺي ڪريڊٽ جي بنياد تي ٿئي ٿي ۽ 4 کان 5 سالن کان پوءِ اسان ٻيهر انهيءَ هنڌ بيٺا هوندا آهيون هن چيو ته ان سان غريب لاءِ گهر، ڪاروبار، صحت، سهولتون اسڪل ڊيولپمينٽ رڳو خواب ئي رهجي وڃي ٿي پر هن ڀيري اوهان بجيٽ ۾ ڏسندا ته اسان ان تي ڌيان ڏنو آهي، جيڪو اڳ ان لاءِ نه ٿيو ته کين طريقو نه هوندو هو پر اسان هاڻي طريقو سيکارينداسين ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ڪمرشل بئنڪن کي هيٺين طبقي کي قرض ڏيڻ جو هنر ئي نٿو اچي. پر اسان بجيٽ ۾ ٻڌائينداسين ته 40 کان 60 لک غريب گهراڻن جا خواب ڪيئن پورا ڪنداسين. هن ٻڌايو ته هن وقت شرح واڌ 4 سيڪڙو پهچڻ ۾ وڏي مئماني جي مينوفيڪچرنگ جو حصو 9 سيڪڙو آهي پر ننڍي ۽ وچولي صنعتن تي ڌيان ڏنو ويندو. جيڪي 60 کان 80 لک آهن پر بئنڪنگ سيڪٽر ۾ ان جو قرض رڳو هڪ لک 80 هزار آهي، هن چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته 75 سيڪڙو ڪريڊٽ ڪارپوريٽ سيڪٽر کڻي وڃي، ۽ ايس ايم ايز کي رڳو 6 سيڪڙو ملي، جنهن کي اسان کي بهتر ڪرڻو آهي ان سان گڏ ئي وڏي پئماني جي مينيفيڪچرنگ کي ٺيڪ ڪرڻ کان علاوه ايڪسپورٽ بهتر بنائڻي اهي ناڻي واري وزير چيو ته هن دفعي اسان کي پنهنجو پئراڊئم تبديل ڪري ڇڏڻو آهي ۽ ناڻي واري وزارت يا ايف بي آر بدران واپار واري وزارت ٻڌائيندي ته ڪهڙي صنعت کي ڪيتريون مراعتون ڏنيون وينديون. شوڪت ترين چيو ته هن وقت انفارميشن ٽيڪنالوجي جو شعبو 40 کان 50 سيڪڙو واڌ ڪري رهيو اهي جنهن کي اسان ايندڙ سال 100 سيڪرو تائين پهچائڻ چاهيون ٿا ۽ ان ڏس ۾ مراعتون ڏنيون وينديون هن چيو ته سال 2000 ۾ ڀارت جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ هڪ ارب ڊالر هئي. جيڪا 2010 تائين 100 ارب ڊالر تي پهچي وئي هئي. يعني 10 سالن م 100 ڀيرا وڌي ته ڇا اسان 40 کان 50 سيڪڙو نه وڌائي سگهياسين هن چيو ته اسان کي ايڪسپورٽ کي وڌائڻو آهي ڇو ته جڏهن به امپورٽ وڌي ٿي ته ان سان ڊالر ختم ٿي وڃي ٿو تنهنڪري اسان کي ايڪسپورٽ، ايف دي آءِ ۾ واڌ ڪرڻي آهي پاڻ وٽ ڊالر جو انفلو وڌائڻو آهي ناڻي واري وزير چيو ته هائوسنگ سيڪٽر گذريل سال ساڍا 8 سيڪڙو ترقي ڪئي. جنهن ۾ اضافي جي گنجائش آهي ۽ اسان ان ۾ واڌ چاهيون ٿا. هن چيو ته توانائي اسان لاءِ تمام وڏو بليڪ هول آهي گنجائش ۾ ضرورت کان وڌيڪ واڌ ڪئي ويئي ۽ ان جون ادائيگيون هاڻي اسان کي ڪرڻيون پئجي رهيون آهن ڇو ته جيتري گنجائش اسان پيدا ڪري چڪا آهيون ته ايندڙ 5 کان 6 سالن ۾ 7 کان 8 سيڪڙو واڌ ڪرڻ تي به به مسڪل سان استعمال ٿيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف پاران بجلي جا اگهه وڌائڻ تي اسرار ڪيو ويو پر وزيراعظم وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان لا3 اسان جي ڪوشش آهي ته ان ۾ نواڻ آڻيون جنهن سان اگهه به نه وڌي ۽ گردشي قرض به ختم ٿي وڃي شوڪت ترين چيو ته هلندڙ سال جي وچ ۾ ساڍا 400 ارب رپين جو گردشي قرض اچڻو هو جيڪو 2 کان اڍائي سئوارب وچ ۾ رهيو ۽ اسان چاهيون ٿا ته هي زيرو ۽  آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿي وڃي ناڻي واري وزير چيو ته پاور سيڪٽر اسان جي لاءِ چئلينج آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ان چئلينج تي پورا لهون. پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته سي پيڪ جي تحت انفرااسٽريڪچر بڻايو ويو آهي. ۽ خاص اقتصادي زونز به قائم ٿي چڪا آهن پر گذريل 6، 7 سالن کان اسان کان ڪوتاهي ٿي ته اسان کي هتي سيڙپڪار وٺي اچڻ گهرجن ها. اسان چاهينداسين ته اهي سي پيڪ استعمال ڪن. هن چيو ته چين ايندڙ 10 سالن ۾ 8 ڪروڙ 50 لک روزگار ٻين ملڪن کي ڏئي رهيو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اسان کي به حصو ملي انهيءَ ڪري اسان ان کي چئي رهيا آهيون ته اوهان ٻڌايو ته هن اڪنامڪ زونز ۾ اوهان کي ڪهڙيون مراعتون گهرجن اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون اوهان هتي مينيفيڪچرنگ لاءِ سيڙپڪارن کي آڻيو ڇو ته اسان کي سيڙپڪاري ۽ قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڊلر به ڪمائڻو آهي. هن چيو ته رياستي ملڪيت جي ادارن تي پئسو ضايع ٿيڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته 30 سالن کان نجڪاري جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر نجڪاري ناهي ٿي. جڏهن سياسي پارٽين ۽ وزارتن جي هٿ ۾ ادارن جو اختيار اچي وڃي ٿو ته انهن کي پاڻ وٽ ئي رکڻ سٺو لڳي ٿو پر اهو اسان جي لاءِ ٺيڪ نه آهي هن چيو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون، پي آءِ اي، ريلويز سڀ خساري ۾ آهن تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته نجڪاري ڪميشن ۾ پروفيشنلز جو بورڊ ٺاهينداسين ۽ 15 ادارن کي وزارت مان ڪڍي ان جي ماتحت ڪنداسين. جيڪو حدف ڏينداسين ۽ 26 سيڪڙو وڪرو ڪري ڇڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته بئنڪن جي نجڪاري ٿي وئي. پر بئڪنگ ڇا ڪري رهي آهي، بئڪنگ فٽ پرنٽ ڪل ملڪي پيداوار جو رڳو 33 سيڪڙو آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان گهٽ شرح مان هڪ آهي، بنگلاديش جي جي ڊي پي ۾ بئڪنگ جي شرح 50 سيڪڙو، ڪوريا جي 180 سيڪڙو، چين جي 225 سيڪڙو آهي، هن چيو ته اسان جي رڳو 33 سيڪرو آهي ۽ ان ۾ به اي ڊي آر 50 کان گهٽ آهي. ان جو مطلب اهو ته 16 سيڪڙو فارمل بئنڪنگ جي ڊي پي کي سپورٽ ڪري ٿي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻو آهي. شوڪت ترين چيو ته ملڪ جا 9 شهر بئنڪنگ جو 85 سيڪڙو ڪريڊٽ کڻي وڃن ٿا ٻين جو ڪهڙو قصور آهي ان کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، ريجنل بئنڪس، ريجنل هائوسنگ بئنڪس ٺاهڻيون آهن، جنهن جي فنانشل سيڪٽر جي ري اسٽرڪچرنگ ڪرڻي پوندي ان موقعي تي عبدالرزاق دائود چيو ته هن سال 25 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ ٿي ويندي. ويليو ايڊيڊ ايڪسپورٽ کي وڌائداسين، ڪاٽن يارن جي ايڪسپورٽ گهٽ ٿي آهي هن چيو ته دوائن جي صنعت جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿي آهي، هن سال هڪ هزار شين تي ڪسٽمز ڊيوٽي گهٽائي وئي ثانيه نشتر چيو ته احساس پروگرام جي پکيڙ ٿي آهي هڪ ڪروڙ 50 لک خاندانن کي روڪ پئسا ڏنا وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته زرعي شعبي ۾ سڌارن جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي، هاري کي سبسڊي ڏيڻي پوندي، شهري علائقن ۾ عوام کي سستي غزا ڏيڻ لاءِ، هارين کي قرض جي سهولت نٿي ملي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *