سنڌ حڪومت پاران پراپرٽي ٽيڪس ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پراپرٽي ٽيڪس ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته گاڏين جي چيڪنگ لاءِ جديد قسم جي اوزارن جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، گيانچند ايسراڻي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس دوران ايڪسائيز کاتي جي ٽيڪس اوڳاڙي واري ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران بريفنگ ڏيندي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته 45 بلين روپين جي ٽيڪس اوڳاڙي جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو، جيڪو ٽارگيٽ 27 سيڪڙو پورو ڪيو آهي.ان موقعي تي ٽيڪس اوڳاڙي واري ڪم کي ڪم کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي هلندڙ مالي سان ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2015 جي پهرين ڪوارٽر دوارن 41.5 رپين جي ٽارگيٽ جي مقابلي ۾ 27 سيڪڙو جي وصوليءَ سان 11.2 بلين رپيا وصول ڪيا. اهڙن خيال جو اظهار اڄ سي ايم هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير گيانچند اسراڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ انرجي وارو صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، ايڪسائير ۽ ٽيسيشن کاتي وارو وزير گيانچند اسراڻي، چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ڊولپمينٽ) اعجاز علي خان، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري ايڪسائيز، ڊي جي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن شبير شيخ ۽ ٻيا لاڳاپيل کاتي جا آفيسر موجود هئا. ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي واري وزير گيانچند اسراڻي بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽيڪس کاتو سڀ کان اهم ريوينو ۽ ٽيڪس وصول ڪندڙ ادارو آهي، جيڪو حڪومت جا مالي وسيلا وڌائڻ ۾ اهم ڪرادار ادا ڪندو آهي. هن  چيو ته سندس کاتو ستن مختلف قسمن جا ٽيڪس وصول ڪندو آهي جن ۾ انفرا اسٽريڪچر سيس، موٽر وهيڪل ٽيڪس، ايڪسائيز ڊيوٽي، ٽيڪس آن پروفيشن، ٽريڊرز، ڪالنگ ۽ امپلائيمينٽ (ٽي پي ٽي سي اينڊ اي) ڪاٽن في، پراپرٽي ٽيڪس ۽ اينٽرٽينمينٽ ڊيوٽي شامل آهن. پنهنجي کاتي جي سالياني هدف ۽ ٽي ماهي وصولين جا تفصيل ڏيندي صوبائي وزير گيانچند چيو تهسندس کاتي موٽر وهيڪل ٽيڪس جي 5.5 بلين جي ٽارگيٽ جي مد ۾ 1.2 بلين وصول ڪيا آهن، جڏهن ته ايڪسائيز اين ايڪٽمينٽ جي 4.8 بلين جي هدف جي وصولي 786 ملين، انفرا اسٽريڪچر سيس جي 28 بلين جي هدف مان 7.2 بلين وصول ڪيا ويا آهن. انهيءَ کان علاوه ڪاٽن في جي 500 ملين ٽارگيٽ جي هدف ۾  35.7 ملين وصول ڪيا. پروفيشنل ٽيڪس جي 410 ملين جي ٽارگيٽ ۾ 133.9 ملين وصول ڪيا، پراپرٽي ٽيڪس جي 2.44 بلين جي مد ۾ 784.8 ملين جي وصولي ٿي ۽ انٽرٽينمينٽ ٽيڪس جي 100 ملين جي ٽارگيٽ ۾ 13.4 ملين وصول ٿي چڪا آهن.انهيءَ موقعي تي سنڌ جي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن طرفان پراپرٽي ٽيڪس جي ٽارگيٽ ۽ ان جي وصولي تسلي بخشنه آهي، باقي ان کان سواءِ مثبت وصوليون ٿيون آهن. هن چيو ته پراپرٽي ٽيڪس جون وصوليون وڌائڻ لاءِ ذريعا موجود آهن ۽ انهيءَ سلسلي ۾ وصوليءَ جي اندازن ٽارگيٽ کان وٺي وصولي ڪرڻ تائين جي پوري عمل کي ڪمپيوٽرائيز ڪيو وڃي، هن کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي تازي کان پراپرٽي سروري ڪن ڇاڪاڻ ته آخري سروي 2001ع ۾ ٿيو هو جڏهن ته قانون موجب کاتي کي هر 5 سالن کان پوءِ پراپرٽي جو تازو سروي ڪرڻو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري سهيل راجپوت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته هندستان جي شهر بنگلور ۾ پراپرٽي ٽيڪس جي مد ۾ 40 بلين رپيا وصول ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪراچي بنگلور جي آبادي جي لحاظ کان تقريبن ٻيڻو  شهر آهي ۽ اسان پراپرٽي ٽيڪس جي وصول گهڻي حد تائين وڌائي سگهون ٿا. ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن شبير شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته هلندڙ سال جنوري کان نومبر تائين کاتي 7000 ڪلو گرام چرس، 4125 ڪلو گرام ڀنگ، 9 ڪلو گرام افيم، 96 غير ملڪي شراب جون بوتلون ضبط ڪيون ۽ 63 ڄڻا گرفتار ڪري انهن خلاف 57 ڪيس داخل ڪيا ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس کاتي چار آپگهاتي جيڪٽس، چار ڊيٽونيٽر، چار ريمورٽ ڪنٽرول واريون آپگهاتي جيڪٽس، ٽي راڪيٽ لانچر، 12 راڪيٽ ٽيوب، هڪ 107 ايم ايم جو راڪيٽ، چار هينڊ گرنيڊ، 108 ميگزين، 3550 گوليون ۽ 1260 ڪلاشنڪوف پڻ هٿ ڪيون آهن. انهيءَ موقعي تي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير ٻڌايو ته سندس کاتي طرفان نيشنل ۽ انڊس هاءِ وي جي مختلف هنڌن تي 8 چيڪ پوسٽون به قائم ڪيو ويون آهن. وڏي وزير  سيد قائم علي شاهه ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته هاءِ ويز تي چيڪنگ لاءِ جديد ترين آلات خريد ڪيا وڃن ۽ جديد ٽيڪنالوجي مان فائدو وٺندي ٿوري وقت ۾ وڌيڪ ٽريفڪ جي چڪاس ڪري سگهجي ٿي ته جيئن مسافرن کي ٽريفڪ جام کي منهن نه ڏيڻو پئي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو کاتي خلاف عدالتي ڪيسن کي ذاتي طور تي مانيٽر ڪري ۽ انهيءَ سلسلي ۾ انفرا اسٽيڪچر سيس خلاف ڪيس ڪافي ورهين کان هلي رهيو آهي جنهن  جي مڪمل پيروي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *