ڪابينا ڪميٽي پاران ملڪ جَي وڌيڪ 69 سرڪاري يونٽس جِي نجڪاري جي سفارش

اسلام آباد (بيورو) ڪابينا ڪميٽي، ملڪ جَي وڌيڪ 69 سرڪاري يونٽس جِي نجڪاري جي سفارش ڪري ڇڏي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران اسٽيل ملز جي نجڪاري جي منظوري ڏني وئي آهي، سينيٽر طاهر مشهدي جو چوڻ آهي ته حڪومت جي غلط رويي سبب وفاق ڪمزور ٿي رهيو آهي. چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت 5سالن دوران آيل ٻوڏ بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته 11،2010۽ 15 ۾ ٻوڏ سبب ملڪي معيشت کي 14 ارب، 16 ڪروڙ ڊالرز جو نقصان ٿيو، جڏهن ته پرڏيهي ملڪن پاران متاثرن لاءِ 70 ڪروڙ ڊالرز امداد ڏني وئي. اسحاق ڊار چيو ته ڪابينا ڪميٽي 69 سرڪاري يونٽس جي نجڪاري جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته ٽن سالن دوران 5 يونٽس جي نجڪاري وارو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل چيو ته وفاق سنڌي، پشتو ۽ بلوچن کي نظر انداز ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وفاقي ادارن ۾ننڍن صوبن جي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ ظلم آهي. هن چيو ته حڪومت رڳو پنجاب ئي پاڪستان سمجهي ٿي، اهڙو ملڪ نه کپي، جنهن ۾ صوبن کي برابري جا حق ملڻ بدران نظر انداز ڪيو وڃي. سينيٽر طاهر مشهدي چيو ته حڪومت جي غلط ورتاءُ سبب وفاق ڪمزور ٿي رهيوآهي، جڏهن ته ادارن جي ڪارڪردگي به مايوس ڪندڙ آهي. سنڌ جي صنعت ۽ پيدوار واري وزارت طرفان سينيٽ کي آگاهي ڏني وئي ته اسٽيل ملز جي ملازمن کي گارنٽي جي ادائيگي لاءِ 3 ارب رپيا گهربل آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت چيو ته اسٽيل ملز جي ملازمن لاءِ پينشن لاءِ ڪابه اسڪيم ناهي جوڙي وئي، جنهن سبب ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. اسٽيل ملز جي نجڪاري جي حوالي سان ناڻي واري وزارت سينيٽ کي لکت ۾ آگاهي ڏني ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل اسٽيل ملز جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڪابينا ملڪ جي مختلف سرڪاري ادارن جي 69 يونٽس کي خانگائڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته 3سالن دوران 5يونٽس جي نجڪاري وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي چيو ته نجڪاري ادارن جي ملازمن جو تحفظ ڪيو ويندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *