سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪراچي ۾ امن بحال ڪرايو وڃي: آرمي چيف

ڪراچي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيليجنس ايجنسين کي ڪراچي جي شهرين لاءِ امن جي بحالي سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبائي حڪومت سان گڏجي آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڏکڻ ڪمانڊ جي جاري مشقن جي معائني دوران فارميشنز جون صلاحيتيون ۽ آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف اربع تي ڪو هيڊڪوارٽر ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ ڏکڻ ڪمانڊ جي جاري مشقن رزلٽ ريسپانس ۾ شرڪت ڪئي، آرمي چيف کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ مشقن ۾ شامل جارحاڻا ۽ دفاعي آپريشن بابت ٻڌايو ويو، آرمي چيف شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي فارميشن جون صلاحيتن ۽ آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ان کانپوءِ آرمي چيف سيڪيورٽي ڪانفرنس جي به صدارت ڪئي جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم آءِ، ڊي جي ايم او ۽ ڊي جي رينجرز شرڪت ڪئي، سيڪيورٽي، فورسز ۽ انٽيليجنس ايجنسين پاران ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ حاصل ڪاميابين کي ساراهيو.  آرمي چيف چيو  ته سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪراچي ۾ امن امال بحال ڪرايو وڃي، جڏهن ته مضبوطي لاءِ پڻ حڪومت جي مدد ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *