وفاقي حڪومت عشرت العباد کي هٽائي ڇڏيو، سعيد الزمان صديقي سنڌ جو نئو گورنر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد/ڪراچي(م.ڊ) جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ڊاڪٽر عشرت العباد جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو. رپورٽ موجب ايوان صدر سنڌ جي نئين گورنر جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي سنڌ جي نئين گورنر طور ذميواريون سنڀاليندو   ان حوالي سان ايوان صدر جي ترجمان موجب صدر ممنون حسين وزيراعظم جي سفارش تي سعيد الزمان صديقي کي سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي گورنر کي تبديل ڪرڻ واري فيصلي کان عشرت العباد به لاعلم نڪتو،  هن چيو ته سنڌ جي گورنر جي تبديلي جي حوالي سان اسلام آباد هن وقت تائين آگاهه ناهي ڪيو. گورنر عشرت العباد چيو ته گورنر جي تبديلي وفاقي حڪومت جو استحقاق آهي، هن جي مرضي هو جيڪو فيصلو ڪري مون کي منظور هوندو. هن چيو ته گورنر سنڌ جي عهدي تي رهندي هميشه ڪراچي جي امن ۽ سنڌ جي مفاد جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جو گورنر نه رهيس تڏهن به ڪراچي جي امن جي لاءِ ڪم ڪندو رهندس. وفاقي حڪومت سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرري جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر عشرت العباد عهدو ڇڏڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽن موجب وفاق سنڌ حڪومت کي نئين گورنر جي مقرري جي فيصلي بابت آگاهه ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ نئين گورنر جي حلف برداري جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ عشرت العباد پنهنجا ڪم اُڪلائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. وفاق طرفان نئين گورنر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ عشرت العباد پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته گورنر جي تبديلي تي سنڌ حڪومت کان صلاح مشورو ناهي ورتو ويو. پنهنجي بيان ۾ سراج دراني چيو ته نواز ليگ جو سنڌ حڪومت سان لهجو سٺو ناهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ تي صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو. هن گورنر عشرت العباد کي بهترين گورنر قرار ڏيندي چيو ته هن ڪيترن ئي حڪومت کي بحرانن مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي تنهن هوندي هن جي ان ڪردار کي انتهائي قدر واري نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ هميشه ياد رکيو ويندو.  هن وڌيڪ چيو ته عشرت العباد جو بطور گورنر  وارو ڪردار انتهائي مثبت رهيو آهي. مولابخش چانڊيو پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي وفاقي حڪومت ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائڻ ۽ جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي مقرري جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورت نه ئي مشاورت ڪئي وئي آهي،  جواب ۾ وزير اعظم جي ترجمان مصديق ملڪ چيو آهي ته سعيد الزمان صديقي جي مقرري آئين ۽ قانون موجب  ڪئي وئي اهي، جن ماڻهن سان مشاورت ڪرڻ گهربي هئي انهن سان مشاورتي ڪري ڇڏي آهي، پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻ رضا هارون چيو آهي ته وزير اعظم ۽ مصدق ملڪ کي ٻڌائڻ گهرجي ته گورنر سنڌ کي هٽائڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *