سنڌ اسيمبلي نواز شريف کان استعيفيٰ جو ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسميبلي وزيراعظم نوازشريف کي مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي استعيفا ڏئي اهو مطالبو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اڱاري تي ڪيو ويو جيڪو پي ٽي آئي جي خرم زمان ۽ پ پ پ خير النساءَ پيش ڪئي قرارداد اتفاق رائي سان منظور ڪيو. قرارداد وقت نون ليگ مسلم ليگ فنشڪنل جا ميمبر ايوان ۾ موجود نه هيا، قرارداد ۾ اهو چيو ويو ته وزيراعظم ان عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي هن پنهنجي اثاثن بابت غلط بيان ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ۽ جي آئي ٽي ۾ غلط ڪاغذ پيش ڪيا. انکان پاڪستان جي عوام جو اعتماد کي نقصان پهتو. انڪري هي ايوان جي گڏيل رائي آهي ته ميان نوازشريف فور طور تي اسستعيفا ڏئي قراداد تي خطاب ڪندي خرم شير زمان چيو ته پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن وزيراعظم کان نااهل قرار ڏنو آهي پاناما ڪيس جي آئي ٽي رپورٽ ۾ هن جي خلاف ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، هن چيو ته جي آئي ٽي جي ميمبرن خلاف نون ليگ جي درٻارين جي ٻولي مذمت جوڳي آهي. هاڻي نوازشريف قطر نه پر جيل ويندو. خرم شيرزمان سنڌ حڪومت کي مطالبو ڪيو ته پاناما ڪيس ۽ شريف خاندان جي ڦر لٽ تي هڪ سبق تعليمي نساب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن کي اها خبر پوي ته شريف خاندان اقتدار ۾ اچي ڪيئن قوم کي لٽيو،  خوشِي آهي ڪرپشن جي خلاف عوام گڏ آهي، سيئنر وزير نثار کهڙي خرم شير زمان جي تحريڪ جي همايت ڪئي  ۽ چيو ته وزيراعظم نوازشريف ضد ڪيو آهي پ پ پ  نون ليگ کي سياسي شهيد نه بڻجڻ ڏيندي، ملڪ ۾ هڪ وزير جي وڃڻ ۽ ٻئي جي اچڻ سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي اسان چاهيون ٿا ته جمهوريت هلندي رهي انهيءَ ڪري کيس فوري طور تي استعيفا ڏيڻ گھرجي. پ پ پ  جي خير النساءُ مغل به اهڙي طرح جي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم  کان استعيفا جو مطالبو ڪيو پاناما ۾ ملوث دنيا ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي وزيرن پنهنجي عهدن تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، اسان جي آئي ٽي ميمبرن کي سلام پيش ڪيون ٿا جن جريت جو مثال پيش ڪيو احتساب ٿيڻ گھرجي پر شروعات وزيراعظم کان ٿيڻ گھرجي. پ پ پ  جي ميمبر سعيد غني چيو ته پ پ پ جي ماڻهن جي خلاف ڪوڙ ا ڪيس ٺاهيا ويا انهن ڪوڙن ڪيسن ۾ اسانکي سزائون مليون. چوڌري شجاعت اهو تسليم ڪيو ته آصف علي زرداري جي خلاف منشيات جو ڪيس غلط هو نوازشريف محترما بينظير جي خلاف ڪوڙ ڪيس ڪيا،اڄ شريف خاندان جي خلاف جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي اهو خدا جو انصاف آهي، ايم ڪيو ايم فيصل سبزواري چيو ته ملڪ ۾ پيسن جي بنياد تي سياست خاتمو ڪرڻ گھرجي، مني لانڊرنگ ۽ آفشور ڪپمنين ٺاهڻ ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ گھرجي ايم ڪيو ايم وزيراعظم اکن مطالبو ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اربع تائين ملتوي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *