60 هزار جوانن جي شهادت بعد به پاڪستان تي الزام پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي: پ پ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ نواز شريف کي پنهنجو متبادل آڻڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ادارا ڪمزور ٿيڻ ۽ غير يقيني صورتحال رياست لاءِ خطرناڪ هوندي آهي. هن چيو ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ ججن جي سوالن سان ڪيس واضح ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته مان اڳ ئي واضح ڪيو هو ته نواز شريف سان گڏ عمران خان به سپريم ڪورٽ جي گرفت ۾ اچي ويندو. خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نواز شريف نازڪ صورتحال ۾ آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جي اتحاد ۾ شامل هر پارٽي پنهنجي پاليسي ۾ آزاد آهي، ڪابه اپوزيشن پارٽي نواز شريف جي حمايت ڪري ٿي ته سياسي نقصان به کيس ئي ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اقامو ڪنهن نوڪري لاءِ هوندو آهي، اقامو ڪنهن نوڪري لاءِ هوندو آهي جنهن سان پگهار ورتي ويندي آهي. خورشيد شاهه چيو ته 60 هزار جوان شهيد ڪرائي به پاڪستان تي الزام هنيا پيا وڃن جيڪا پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي. هن چيو ته آمريڪي صدر دهلي ۾ پاڪستان تي الزام هڻي ٿو پر وزيراعظم خاموش رهي ٿو. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 31 جولاءِ تي آهي، ريڪوزيشن جي ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *