سنڌ اسيمبلي سول سرونٽ ترميمي بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ سول سرونٽ ترميمي بل، مينٽل هيلٿ ترميمي بل، ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل  ۽ لائوڊ اسپيڪر ڪنٽرول سسٽم بل منظور  ڪيا ويا آهن، سنڌ حڪومت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم  ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ بابت ارسا جي موقف کي رد  ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير سڪندر منڌري  چيو آهي ته ارسا جي موقف جي مذمت ڪيون ٿا ارسا پاڻي ڇوڙ بابت غلط انگ اکر پيش ڪيا آهن. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پارلياماني معاملن واري  وزير سڪندر منڌري سنڌ سول سرونٽ ترميمي بل 2015 پيش ڪيو، جنهن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي. منظور ٿيل بل تحت وفاق ۽ ٻين صوبن جي آفيسرن کي سنڌ سرڪار ۾ ضم ڪيو ويندو ۽ وڏي وزير کي ڪيڊر سسٽم ختم ڪري ڪنهن به آفيسر کي ڪٿي به مقرر ڪرڻ جو اختيار ملي ويو آهي. بل تحت وڏي وزير کي اهو به اختيار حاصل هوندو ته ڪنهن به ڪيڊر جي آفيسر کي صوبي ۾ ڊي سي، سيڪريٽري ۽ ڪمشنر لڳائي سگهي ٿو، جڏهن ته وڏو وزير آئوٽ آف ٽرن پروموشن آفيسرن جي مٿين گريڊ تي ڊيپوٽيشن تي مقرري سان گڏ انهن آفيسرن کي ضم ڪري سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ اهڙن سمورن آفيسرن جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو پر سنڌ حڪومت سنڌ سول سرونٽس ترميمي بل منظور ڪري اهڙن آفيسرن جي مقرري کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم ميمبرن اهڙي بل جي حمايت ڪئي، جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي عورت ميمبرن مهتاب اڪبر راشدي ۽ نصر سحر عباسي مخالفت ڪندي چيو ته بل جي منظوري سان اهل آفيسرن جا حق غضب ٿيندا. اجلاس دوران صوبائي وزير سڪنڌر منڌري سنڌ ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن جي  به منظوري ڏني وئي. ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل  ۾ ٺٽي ۽ بدين سان گڏ سجاول ضلعي  کي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سجاول مان چونڊيل نمائندا اٿارٽي جا ميمبر هوندا. ايم ڪيو ايم ميمبرن سنڌ ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڪراچي کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر ان کي شامل اجلاس دوران مينٽل هيلٿ ترميمي بل جي به منظوري ڏني وئي، جنهن تحت آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن جي ذهني حالت جي تپاس ڪري سندن سزا تجويز ڪئي ويندي. اجلاس دوران لائوڊ اسپيڪر ڪنٽرول سسٽم بل به منظور ڪيو ويو، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اهو بل قومي پلان جو حصو آهي. اجلاس دوران سنڌ مالياتي ترميمي بل ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه بل به پيش ڪيا ويا پر انهن تي بحث ملتوي ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم ايم پي هيرسوهو ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته ارسا ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾122ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ضايع ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن تي سڪندر منڌري ارسا جي اهڙي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته ارسا ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي ڇوڙ بابت غلط انگ اکر پيش ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *