ٽياڪڙي جي قرارداد منظور، يمن جنگ ۾ فوج نه موڪلڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان يمن جنگ ۾ فوج نه موڪلڻ ۽ معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته يمن صورتحال تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي پاڪستان ان جو پر امن حل چاهي ٿو، اقوام متحده ۽ او آءِ سي يمن جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار يمن جنگ بابت قرارداد پيش ڪئي. يمن جنگ جي معاملي تي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف پنهنجون پنهنجون قراردادون آنديون جن کي گڏائي هڪ مسودو تيار ڪيو ويو. اسحاق ڊار قرارداد تي اتفاق راءِ کانپوءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قرارداد پيش ڪئي جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي کي خطرو ٿيو ته ان جو دفاع  ڪيو ويندو، پاڪستان کي يمن جنگ تي سخت ڳڻتي آهي، معاملي جو پر امن حل ڪڍيو وڃي. متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان نار جي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو، اقوام متحده ۽ اسلامي ملڪ گڏجي يمن سعودي عرب جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. گڏيل پارليامينٽ متفقه ٺهراءَ کي اتفاقِ راِءِ سان منظور ڪندي يمن ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندي بحران جي نبيري لاءِ اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي، اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته سعودي عرب يا حرمين شريفين جي سلامتي کي خطرو پيش آيو ته پاڪستان سعودي عرب سان نه رڳو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو پر اُن صورت ۾ ان ويڙهه ۾ اڳيان اڳيان به هوندو. يمن جنگ بابت پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري هو، جيڪو اڄ گڏيل ۽ متفقه ٺهراءُ جي منظوري تي مڪمل ٿيو. اجلاس ۾ اسحاق ڊار گڏيل ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جا اهم نقطا ڪجهه هن ريت آهن. پارليامينٽ اتفاق ڪيو آهي ته يمن جنگ ۾ پاڪستان اڻ ڌريو رهي سفارتي ڪردار ادا ڪندو. پاڪستان سمجهي ٿو ته يمن جي صورتحال خطي جي استحڪام لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. ٺهراءُ ۾ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن کان جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ٺهراءُ ۾ پاڪستانين سميت ڦاٿل ٻين ملڪن جي ماڻهن جي خيريت سان پنهنجي ماڳن ڏانهن واپسي جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. ٺهراءُ ۾ سعودي عرب کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب يا حرمين شريفين جي سلامتي کي ڪو خطرو پيش آيو ته پاڪستان نه رڳو اهو ته سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو، پر ضرورت پوڻ تي ان ويڙهه ۾ اڳيان اڳيان به هوندو. ٺهراءُ ۾ يمن جي باغين جي به مذمت ڪئي وئي، قرارداد جي منظوري وقت وزيراعظم نواز شريف به ايوان ۾ موجود هيو، اجلاس ختم ٿيڻ بعد وزيراعظم سمورن ميمبرن کي مبارڪ باد پيش ڪئي.. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اتفاق راءِ سان جيڪو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي، ان جو متن سٺو سنوڻ آهي ۽ ان سان قوم جي اتحاد کي تقسيم ڪرڻ واريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *