سلمان منهنجي نئين ايندڙ فلم ”دنگل“ جي مشهوري ڪري خوشي محسوس ڪندو:عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي  ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي فلمن جي پروموشن سوشل ميڊيا سوڌو ٻين پليٽ فارم تي ڪندي نظر ايندو آهي، جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ جي فلمن جي پروموشن به ڪندو آهي. پر هاڻ هن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”دنگل“ سلمان خان کي ڏيکارڻ لاءِ گهڻو بي چين آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪار عامر خان جو چوڻ آهي ته مون کي يقين آهي ته سلمان منهنجي نئين ايندڙ فلم ”دنگل“ جي مشهوري ڪري خوشي محسوس ڪندو، جڏهن ته مون کي به اداڪار جون فلمون پروموٽ ڪرڻ وڻندو آهي. پر مان پنهنجي فلم ”دنگل“ سلمان خان کي ڏيکارڻ لاءِ گهڻو بي چين آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *