نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٻين ۽ آخري ڪرڪيٽ ميچ ۾ 138 رنسن تان هارائي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

هيملٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٻين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ 138 رنسن تان شڪست ڏئي 31 سالن کانپوءِ ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ 1985ع ۾ نيوزيليند پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏني هئي. پاڪستان ٽيم 369 رنسن جي هدف ۾ 230 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي  وئي. ڪيويز بالرز ٻين اننگز ۾ پڻ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو جنهن سبب پاڪستان جا 58 رانديگر اڳتي نه وڌي سگهيا. پاڪستان طرفان سميع اسلم 91 ۽ ڪپتان اظهر علي 58 رنسن تان نمايان رهيا. ان کان علاوه ڪوبه رانديگر مقابلو ڪري نه سگهيو. پاڪستان طرفان سميع اسلم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سيچري مڪمل نه ڪري سگهيو. نيوزيلينڊ طرفان نيل واگنر 3، ٽم سائوٿي ۽ مٽ سائنز 2-2 جڏهن ته هنري ۽ گرينڊ هوم هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. اربع ڏينهن ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان ٽيم پنهنجي ٻين اڌوري اننگز هڪ رن ڪنهن نقصان کان سواءِ ٻيهر شروع ڪئي ته سميع اسلم ۽ اظهر علي کيڏي رهيا هئا ۽ پاڪستان جي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ 368 رنسن جي ضرورت هئي. ٻنهي رانديگرن وچ ۾ پهرين وڪيٽ جي شراڪت ۾ قيمتي 131 رنسون ٺهيون پر ان موقعي تي ڪپتان اظهر علي پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪري 58 رنسون ٺاهي مچل سانٽر جي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو. بابر اعظم ٻيو آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو. جيڪو 16 رنسون ٺاهي مچل سانٽر جي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو. ان موقعي تي سميع الله پڻ ٽيم جو ساٿ ڇڏي ويو. 91 رنسون ٺاهي ٽم سائوٿي ٻئي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو. هو رڳو 9 رنسن جي فرق تي ڪيريئر جي پهرين سينچري مڪمل نه ڪري سگهيو. سرفراز 19 رنسون ٺاهيون، اسد شفيق رنس کانسواءِ آئوٽ ٿي ويو. يونس خان 11، سهيل خان 8 رنسون ٺاهيون، محمد عمر ۽ وهاب رياض، عمران خان کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان آئوٽ ٿي ويا. محمد رضوان 13 رنسن تان آئوٽ ٿي ويو ۽ ائين نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي ٻين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ 138 رنسن تان هارائي ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *