سلمان خان “ڀارت” جي شوٽنگ کان اڳ باليووڊ اداڪاره تبو آڏو روئي ويٺو هو

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اسٽار سلمان خان پنهنجي نئين فلم “ڀارت” جي شوٽنگ کان اڳ باليووڊ اداڪاره تبو آڏو روئي ويٺو هو. سلمان/ڏسو صفحو 6بقايا نمبر 14

خان ٻڌايو ته ڀارت ۾ هڪ گهڻو جذباتي سِين هو، جيڪو مان تبو سان گڏ فلمائي رهيو هئس، جنهن دوران مان ڪيمرا آڏو هجڻ کانسواءِ حقيقت ۾ به روئي پيو هئس، جنهن دوران مون هڪ ڊائلاگ به ڳالهايو هو ته “بات چيت سي ڪو ئي بهي چيز ٺيڪ ڪي جا سڪتي هي”. ان کانسواءِ سلمان خان چيو ته مون لڳندو آهي ته مون هينئر تائين جيترن به اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو آهي، انهن مان سنيل گروور سڀني کان وڌيڪ ٽئلينٽڊ آهي، جڏهن هو ڪردار ۾ هوندو آهي ته هو ڪا ڪاميڊي ناهي ڪندو ۽ بلڪل سنجيده رهندو آهي، تنهن هوندي به ماڻهو کلڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. ڀارت جي سفر بابت سلمان خان چيو ته مان تمام گهڻو خوش آهيان ته ڀارت تمام سٺي نموني اڳتي وڌي رهي آهي، سڀني جي ڪم جي تعريف ٿي رهي آهي. دبنگ خان وڌيڪ چيو ته مون ايترو پروموشن فلم رليز ٿيڻ کان اڳ به نه ڪيو هو، جيترو هاڻ ڪري رهيو آهيان، جيڪي ماڻهو منهنجي فلم کي پسند ڪن ٿا، انهن جا دل سان ٿورا مڃيان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *