ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد شڪست کان پوءِ فيلڊنگ جي فيصلي جو دفاع ڪيو

لنڊن ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد شڪست کان پوءِ فيلڊنگ کي فيصلي جو دفاع ڪيو آهي.سرفراز احمد چيو ته بالرن رائٽ ايريا ۾/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

بالنگ نه ڪئي، ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو صحيح هو.پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هاڻ پاڪستان لاءِ ٽورنامنٽ ڏکي ٿي وئي آهي، پر هن اميد جو اظهار ڪندي چيو ته اڃا چار ميچون باقي آهن سٺي کان سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.ڀارت هٿان بدترين شڪست کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ سرفراز احمد شڪست جي ذميواري ٽيم تي لاڳو ڪندي چيو ته بالنگ سٺي ناهيون ڪري رهيا، بيٽنگ اميدن تي پورو نه پئي لهي، فيلڊنگ ۾ سنگين غلطيون ڪري رهيا آهيون، دٻاءُ برداشت نه پيا ڪري سگهيون ، جلد وڪيٽون نه پيا وٺي سگهون ، ڪريل ٽيم کي اتان کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اها ڪاڪردگي عالمي ڪپ جهڙي ايونٽ  لاءِ ناڪافي آهي.سندس چوڻ هوته ٽيم جو مورال ضرور ڊائون ٿيو آهي ته پر ٽيم ڪري ناهي، ٽيم ۾ هاڻي به واپسي ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اڃا اسان جو ورلڊ ڪپ ختم ناهي ٿيو، ٽورنامنٽ ۾ واپس اچڻ جي پوري صلاحيت رکون ٿا، پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر ۽ غلطيون گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڪپتان وڌيڪ چيو ته سينيئر رانديگرن سان اختلاف ۽ ڊريسنگ روم جي ماحول واريون ڳالهون بڪواس ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، ٽيم خراب ضرور کيڏي رهي آهي پر رانديگر متحد آهن.هن چيو ته فيلڊنگ ۾ کوٽ رهجي وئي، روهت شرما جو رن آئوٽ ” مس ڪرڻ “ برو ثابت ٿيو، رانديگرن جو مورال ڊائون ناهي، هاڻي به اسان وٽ موقعو آهي، رانديگرن کي اڳتي ڏسڻ گهرجي.سرفراز احمد چيو ته ورات ڪوهلي به پهريان بالنگ ڪرڻ چاهي پيو، لڳاتار برسات کان پوءِ پهريان بالنگ ڪرڻ ئي بهتر هوندو آهي، ٽيم ۾ سڀ رانديگر هڪٻئي سان گڏ آهن ڪو به جهيڙو ناهي، پاڪستان لاءِ ورلڊ ڪپ ختم ناهي ٿيو.ٻئي پاسي فاتح ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي چيو ته بالنگ پلان موجب ڪئي وڃي ته ميچ سولي ٿي ويندي آهي.ورات ڪوهلي چيو ته اوپننگ پارٽرنرشپ سبب وڏو اسڪور ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهياسين، اسان چيمپيئنز ٽرافي جي فائينل کانسواءِ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *