سلمان خان مونسان شادي ڪري رهيو آهي: زرين خان

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سڀ کان مشهور اداڪار سلمان خان جي شادين ۽ امڪاني زالن بابت اڪثر افواهه پکڙجندا رهيا آهن. ڀارتي اخبار کي هڪ انٽرويو ڏيندي 32 سالن جي زرين خان جتي پنهنجي ڪيريئر جي حوالي سان ڳالهايو آهي اتي ڪجهه سوالن جا دلچسپ ۽ مزاحيه انداز ۾ جواب به ڏنا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان جيڪي مزاحيه افواهه پکيڙڻ چاهينديس اهي هوندا ته سلمان خان مونسان شادي ڪري رهيو آهي. ٻئي اداڪار فلم وير کانپوءِ سلور اسڪرين تي فلم “ريڊي” جي گاني “ڪيريڪٽر ڍيلا” تي ڊانس ڪندي نظر آيا هئا جڏهن ته ان کانسواءِ ڪيترائي ڀيرا ٻنهي کي ملاقات ڪندي ڏٺو ويو آهي. ياد رهي ته زرين خان کي 2010 ۾ سلمان خان پنهنجي فلم “وير” سان ڀارتي سلور اسڪرين تي معتارف ڪرايو هو جنهن ۾ بهترين اداڪاري تي کيس بيسٽ فيميل ڊيبيو اداڪاره جو ايوارڊ به مليو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *