فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن، ڏوهارين سان مقابلو، ڊي ايس پي خانپور شهيد

شڪارپور/چڪ/خانپور (نمائندن وٽان) مشهور فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏوهارين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي خانپور سميت 2 اهلڪار مرڻينگ، نازڪ حالت ۾ سکر ريفر. پوليس موجب آپريشن دوران پوليس جي فائرنگ ۾ ڪجهه ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. جگر جلال، سندس پٽ، هڪ ڀاءُ ۽ ٻن سازندن جي بازيابي لاءِ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله ۽ اهلڪار بابر شاهه سخت زخمي ٿي پيا، ٻنهي کي پهريان مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کين سکر ريفر ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن سان مقابلو جاري آهي، پوليس جي فائرنگ ۾ ڪجهه ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *