سلمان خان فرشتو آهي، منهنجي عمر به کيس لڳي وڃي: راکي ساونت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت، سلمان خان کي فرشتو قرار ڏيندي چيو آهي ته منهنجي عمر به سلمان خان کي لڳي وڃي.گذريل ڏينهن اداڪارا راکي ساونت جي ماءُ جو ڪينسر جو آپريشن ڪيو ويو هو ۽ ان جو ٽيومر ڪڍيو ويو، جڏهن ته ان آپريشن جو سڄو خرچ سلمان خان ۽ سندس ڀاءُ سهيل خان برداشت ڪيو.راکي ساونت ميڊيا سامهون سلمان خان ۽ سندس خاندان جا ٿورا مڃيا ۽ گوڏا کوڙي ويهي چيو ته سلمان خان توهان منهنجي ماءُ کي بچايو، توهان فرشتا آهيو، مان هن عمر جو ڇا ڪنديس، منهنجي عمر به توهان کي لڳي وڃي.واضح رهي ته سلمان خان ان کان اڳ به راکي ساونت جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *