صحافين جي ڀلائي لاءِ قانون سازي پهرين ترجيح آهي: رفيق ٻرڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو چيو آهي ته ميڊيا خاص طور تي صحافين جي ڀلائي لاءِ قانون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا قانون بابت منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ڪراچي پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي، سينئر صحافي مظهر عباس، پي ايف يو جي جي ايم جمالي، سي پي اين اي جو ڊاڪٽر جبار خٽڪ ، پي پي ايف اويس اسلم علي، سينئر صحافي قاضي آصف، ڊائريڪٽر اطلاعات محمد سليم خان ۽ سيڪشن آفيسر ماجد حميد شيخ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته صحافي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومتي قدمن جي نگراني ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ دوران تمام ئي سخت ۽ ناخوشگوار حالتن مان گذرڻو پوندو آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. جنهن ۾ انهن جي لاءِ انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ ۽ انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانون سازي شامل آهي. اجلاس ۾ جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي مسودي تي تفصيلي بحث ڪيوويو.   اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان جي ترميم لاءِ سفارشون پيش ڪيون. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته انهن سفارشن جي روشني ۾ بل جو حتمي مسودو تيار ڪري ان تي ايندڙ اجلاس ۾ بحث ڪيو ويندو.  انفارميشن سيڪريٽري بل جي مسودي ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن جي دلچسپي کي ساراهيو ۽ چيو ته بل جو حتمي مسودو سندن خيالن جي روشني ۾ تيار ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *