سـُپريم ڪورٽ، پاران وفاقي حڪومت کي پرڏيهي فون ڪالز بابت پاليسي ۽ افغان سمز جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، غير قانوني پرڏيهي فون ڪالز واري ڪيس ۾  وفاقي حڪومت کان پرڏيهي فون ڪالز بابت پاليسي ۽ افغان سمز جو رڪارڊ  پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته گري ٽريفڪنگ سبب سڀ کان وڌيڪ سمنڊ پار پاڪستاني متاثر ٿين ٿا. چيف جسٽس جواد ايس خواجه جـِي سربراهي ۾ سپريم جي ٽـَي رڪني بينچ گري ٽريفڪنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس دوست محمد کوسا چيو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا لاءِ ڪالز سستيون ۽ وچ اوڀر لاءِ مهانگيون آهن.  جسٽس دوست محمد کوسا ريمارڪس ۾ چيو ته ٻين ملڪن لاءِ 5 رپيا ۽ عرب ملڪن لاءِ 250 رپيا ڪال  هوندي آهي، وچ اوڀر ۾ پاڪستاني پورهيت گهڻا ڪم ڪن پيا، ڇا ان ڪري ڪال مهانگي آهي؟. چيف جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته 80 لک پاڪستاني اربين ڊالر موڪليندا آهن، غير قانوني پرڏيهي ڪالز جو سڌيءَ ريت نقصان سمنڊ پار پاڪستانين کي ئي ٿيندو آهي. عدالت،  پي ٽي اي کي حڪم ڏنو آهي ته پرڏيهي فون ڪالز بابت حڪومتي پاليسي پيش ڪئي وڃي. چيف جسٽس پي ٽي اي چيئرمين کي اهو به حڪم ڏنو آهي ته افغان سمن جي انگ اکرن بابت به عدالت کي ٻڌايو وڃي، جڏهن ته ان حوالي سان پي ٽي اي چيئرمين کي معاونت جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *