سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته سخت جواب ڏينداسين: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سعودي عرب اسانجو اهم اسٽريٽيجڪ اتحادي آهي ساڻس ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي هلنداسين جڏهن ته اُن جي خودمختياري ۽ سالميت اسانجي پرڏيهي پاليسي جو به اهم حصو آهي. يمن جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته حڪومت وچ اوڀر جي صورتحال جو مختلف پهلوئن کان جائزو ورتو، پارليامينٽ جي گڏيل قرارداد حڪومتي پاليسي موجب آهي پر خليجي اتحادي ان قرارداد کي صحيح طور تي نه سمجهي سگهيا، قراداد کانپوءِ به ڪيترائي بيان آڏو آيا ۽ سمن جي صورتحال تي ميڊيا ۾ به گهڻو ڪجهه ٻڌو ۽ انهيءَ حوالي سان گهڻو ڪجهه واضح ڪرڻ ضروري آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان يمن ۾ حوثين جي ڪارروائين جي مذمت ڪري ٿو، يمن جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا پر سعودي عرب جي سالميت کي ڪوبه خطرو ٿيو ته اُن جو خت جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته سعودي عرب اسانجو ويجهو اتحادي آهي اڻ سان ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي هلنداسين. جڏهن ته سعودي عرب جي خودمختياري ۽ سالميت اسانجي پرڏيهي پاليسي جو به اهم حصو آهي. وزيراعظم پاليسي بيان ۾ چيو ته اسان بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي خليجي رياستن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ انهيءَ ڏکئي وقت ۾ دوست ملڪن کي اڪيلو نه ڏينداسين، زميني صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سعودي عرب سان گڏ لاڳيتو رابطي ۾ آهيون ۽ سعودي ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته اسين ساڻن گڏ بيٺل هونداسين. هن چيو ته پاڪستان ايران تي حوثي باغين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ زور ڏئير هيا آهن. اسين يمن ۾ منصور هادي جي حڪومت جي بحالي تي يقين رکن ٿا ڇو ته اُن جي حڪومت جي بحالي امن ڏانهن هڪ اهم قدم هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *