سنڌ اسيمبليءَ ۾ گهر ۽ ملڪيتون مسواڙ تي ڏيڻ بابت بل 2015ع منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي گهر ۽ ملڪيتون مسواڙ تي ڏيڻ بابت بل 2015ع منظور ڪري ورتو، بل تحت ملڪيتون مسواڙ تي ڏيڻ جو اطلاع پوليس کي ڏيڻو پوندو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي 6 مهينا قيد ۽ 45 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويندو، جڏهن ته ايوان هڪ ٻيو بل ۽ 4 ٺهراءَ به پاس ڪري ورتا. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ تربت ۽ ڪورنگي واقعن جي سخت مذمت ۽ فاتحه خواني ڪرائي وئي جڏهن ته تعليمي ماهر ۽ دانشور علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي تي اسيمبلي ۾ دعا به پڙهائي وئي. اسيمبلي اجلاس دوران صوبائي وزير سڪندر مينڌري گهر ۽ ملڪيتون مسواڙ تي ڏيڻ بابت بل 2015 ع پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو. بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هوٽل، گيسٽ هائوسز، هاسٽلز، گهر ۽ ٻيون ملڪيتون مسواڙ تي ڏيڻ جو اطلاع پوليس کي ڏيڻو پوندو. بل موجب مهمانن ۽ مسواڙ تي رهندڙ ماڻهن جي ڊيٽا پوليس کي ٽن ڪلاڪن ۾ فراهم ڪرڻي پوندي جنهن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي 6 مهينا قيد ۽ 45 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويندو. ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ ملڪيتون مسواڙ تي ڏيڻ بابت بل ۾ ڪيتريون ترميمون پيش ڪيون جيڪي رد ڪيون ويون. سيد سردار احمد جو چوڻ هو ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ جو ٽائيم فريم ٽن ڪلاڪن بدران 24 ڪلاڪ هئڻ گهرجي، لامحدود اختيار پوليس کي ڏيڻ سان صوبو پوليس اسٽيٽ بڻجي ويندو. اپوزيشن ليڊر شهريار مهر ٽائيم فريم ٽن ڪلاڪن ۾ واڌ لاءِ ترميم پيش جيڪا رد ڪئي وئي ۽ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. اسيمبلي اجلاس دوران صوبائي وزير سڪندر مينڌري اَي او پوسٽ گريجوئيٽ انسٽييوٽ آف آرٿوپيڊڪ بل 2015ع پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو. لاڙڪاڻي مان نيشنل بينڪ جي زونل آفيس سکر منتقل ڪرڻ خلاف خورشيد جوڻيجي ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو پڻ پاس ڪيو ويو. خورشيد جوڻيجي چيو ته وفاقي ناڻي واري وزارت آفيس جي سکر منتقلي واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، آفيس جي منتقلي سان لاڙڪاڻي جي آبادگارن کي ڏکيائيون ٿينديون. صوبائي وزير سڪندر مينڌري پاران پيش ڪيل گزيٽ جي ڇپائي جو اختيار وفاق کي ڏيڻ جو ٺهراءُ ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. پ پ ميمبر خير النساءِ مغل پنجاب جي فيڪٽرين مان زهريلا پاڻي گهوٽڪي ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو پڻ منظور ڪيو ويو. خير النساءِ مغل چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ هزارين ايڪڙ تي فصل تباهه ٿي رهيو آهي، پنجاب حڪومت جي رويني خلاف هـُو احتجاج ڪن ٿا. اسٽريٽ چلڊرين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٻارن جي ڀلائي ۽ بحالي لاءِ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. ٺهراءُ ايم ڪيو ايم جي سميتا افضال پيش ڪيو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اسٽريٽ چلڊرين لاءِ زباني جمع خرچ بدران عملي قدم کنيا وڃن. بحث کانپوءِ ايوان اسٽريٽ چلڊرين بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. اجلاس دوران تحريڪ انصاف جي چئن ميمبرن جي موجودگي خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرن احتجاج ڪيو. محمد حسين چيو ته قانون موجب تحريڪ انصاف جا ميمبر هاڻي اسيمبلي جا ميمبر ناهن رهيا، چاليهه ڏينهن غير حاضر رهندڙ آئين موجب ميمبر نه ٿا رکي سگهن. متحده ميمبر چيو ته تحريڪ انصاف جي چئن ميمبرن جون سيٽون خالي ٿي چڪيون آهن، استعيفائن جي منظوري بابت اسپيڪر جي رولنگ به رڪارڊ تي موجود آهي. صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم ميمبر آئين جو درست حوالو نه پڙهيو آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته هـُو پي ٽي آءِ ميمبرن جي اسيمبلي ميمبر هئڻ بابت رولنگ ڏئي چڪو آهي، رولنگ کانپوءِ وڌيڪ بحث نه ٿو ڪري سگهجي. سيد سردار احمد چيو ته 7 اپريل تي اسپيڪر رولنگ ڏني جيڪا لکت ۾ اڃا تائين ناهي ملي. اسپيڪر آغا سراج دراني جواب ڏنو ته رولنگ لکت جي صورت ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن کي فراهم ڪئي ويندي. اجلاس دوران صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اپوزيشن ميمبرن کي پنهنجي رويي تي معافي وٺڻ گهـُرجي، اسيمبلي قاعدن جي جوڙجڪ ۾ حصو وٺندڙ قاعدن جي ڀڃڪڙي رهيا آهن. هن چيو ته احتجاج سڀني جو حق آهي، پر قاعدن جون ڪاپيون ڦاڙي ايوان ۾ اڇلائڻ شرمناڪ عمل آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اپوزيشن ليڊر جي رويي کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته اپوزيشن ليڊر شهريار مهر کي ساڻس ڪو مسئلو آهي ۽ هن اڄ تائين ڪو اهم معاملو اسيمبلي ۾ نه اٿاريو آهي. آغا سراج دراني چيو ته جن ميمبرن اسيمبلي قاعدن جون ڪاپيون ڦاڙيون انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهـُرجي. اجلاس دوران گهرو کاتي جا اهم عهدا خالي هئڻ تي مهتاب اڪبر راشدي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته گهرو کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻيا عهدا خالي پيل آهن. صوبائي وزير سڪندر مينڌري اعتراف ڪيو ته گهرو کاتو هڪ حساس کاتو آهي، آفيسرن جي غير موجودگي سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسپيشل سيڪريٽري جي پوسٽ خالي آهي، حساس کاتو هئڻ سبب جلد مقرري جي ضرورت آهي ۽ سيڪشن آفيسر جو عهدو به خالي آهي، آفيسرن جي مقرري حڪومت جي ذميواري آهي. ٺٽي ضلعي ۾ روينيو رڪارڊ بابت امير حيدر شاهه شيراني به ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. امير حيدر شاهه شيرازي چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ باهه ڏئي ساڙيل رڪارڊ اڃا تائين ٻيهر نه جوڙيو ويو آهي، جڏهن ته مختيارڪار ٺٽو رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ 10 هزار رپيا رشوت طلب ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير سڪندر مينڌري چيو ته ميرپور ساڪري جي 93 ڳوٺن جو رڪارڊ سڙي ويو هو جن مان90 ڳوٺن جو رڪارڊ ٻيهر جوڙيو ويو آهي باقي ٽن جو رڪارڊ جوڙيو پيو وڃي. شاهه فيصل فلاءِ اوور جي اسٽريٽ لائيٽس بابت ايم ڪيو ايم ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. متحده ميمبر وقار شاهه چيو ته اسٽريٽ لائيٽس نه هئڻ سبب ڏوهي وارداتن ۾ واڌ ٿي آهي، اونڌهه سبب ڪجهه ڏينهن اڳ شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽس لاءِ سولر سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ لائيٽس ۽ روڊن جي مرمت لاءِ وڏي وزير فنڊ رکيا آهن. شگر ملز مان نڪندڙ دونهي جي گدلاڻ بابت نندڪمار ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. نند ڪمار چيو ته بدين ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قائم شگر ملز مالڪ دونهي کي فلٽر ڪرڻ لاءِ چمني نه لڳائي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته شگر ملز خلاف ڪارروائي لاءِ ٽربيونل قائم ڪئي وئي آهي، گدلاڻ جي روڪٿام نه ڪندڙ مل مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. نند ڪمار چيو ته الله بچائي چانڊيو معذوري باوجود تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرم آهي، تعليم وارو وزير، معذور عورت کي سرڪاري نوڪري ڏئي. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته آسو ٻائي کي جائز مقام ڏنو، حڪومت الله بچائي چانڊيو جي به حوصلا افزائي ڪندي. نثار کهڙي چيو ته ٽيچنگ لاءِ ميرٽ تحت ملازمت ملندي، نان ٽيچنگ ملازمت ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو. فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي خيرپور ۾ 80 سيڪڙو ٽيوب ويل بند هئڻ بابت التوا واري رٿ پيش ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته ٽيوب ويل بند هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *