سعودي شهرين لاءِ ويزا في ختم، شهرين کي پاڪستاني هوائي اڏن تي ويزا جاري ڪئي وينديۡۡۡۡ: فواد چوڌري

رياض (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد حسين چيو آهي ته تازو ٿيندڙ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ سعودي عرب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، سعودي شهرين کي پاڪستان جي ايئرپورٽن تي ويزا جاري ڪئي ويندي، سعودي سياحن جو پاڪستان اچڻ اسان جي معيشت لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، پاڪستاني سعودي عرب ۾ سينيما ۽ فلم جي شعبي ۾ سيڙپ ڪري سگهن ٿا، جمعي تي صحافين سان ڳالهائيندي فواد حسين چيو ته سعودي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، سعودي عرب ۾ رهندڙ 20 لک پاڪستانين جو ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، هن چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ناڻي ورانگي جو چوٿون موڪلي رهيا آهن، هن چيو ته مان سعودي عرب جو دورو سعودي عرب جي ثقافت واري وزير جي دعوت تي ڪيو. هن چيو ته سعودي جي ثقافت واري وزير جو پاڪستان سان بهتر لاڳاپو آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اچڻ سان پاڪستان ۽ سعودي جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، هن چيو ته سعودي ولي عهد پاران پاڪستان جو دورو ۽ سندس لفظن جو مثال نٿو ملي، هن چيو ته سعودي ولي عهد پنهنجو پاڻ کي پاڪستان جو سفير قرار ڏنو، هن چيو ته سعودي عرب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، سعودي عرب جي ثقافتي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۾ تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته پاڪستاني ثقافت 5 هزار سال پراڻي آهي، چوڌري فواد چيو ته پاڪستان ۾ فنون لطيفا جا ادارا ڪافي مضبوط آهن، هن چيو ته سعودي عرب کي ڪلچرل اڪيڊميز قائم ڪرڻ لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي، سعودي عرب کي ثقافتي شعبي ۾ فنڪارن ۽ ماهرن جي خدمتن جي به آڇ ڪئي آهي، چوڌري فواد چيو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سعودي شهرين لاءِ ويزا ۽ فيس ختم ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سعودي شهرين کي پاڪستاني ايئرپورٽس تي ئي ويزا جاري ڪئي ويندي. سعودي سياحن جو پاڪستان اچڻ اسان جي معيشٽ لاءِ فائدي وارو ثابت ٿيندو، هن چيو ته سعودي عرب سان پاڪستاني فلمن جي نمائش جي اجازت تي ڳالهه ٿي چڪي آهي، 1971 کانپوءِ پاڪستاني سينيما جو زوال شروع ٿيو جيڪو هاڻ بهتر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ گذريل هڪ سال کان سٺيون فلمون ٺهي رهيون آهن، دنيا ۾ پاڪستاني ڊرامن جو معيار بهتر آهي تنهنڪري پاڪستاني سعودي عرب ۾ سينيما ۽ فلم جي شعبي ۾ سيڙپ ڪري سگهن ٿا.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *