ڀارت دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ وڃائي ويٺو، پاڪ فوج کان ڊنل ڀارتي فوج طرفان پنهنجو ئي هيليڪاپٽر ڪيرائڻ جو انڪشاف

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت 27 فيبروري تي پاڪستاني فوج سان چڪرين دوران گهٻراهٽ ۾ ميزائل فائر ڪري پنهنجو ئي هيليڪاپٽر ڪيرائي وڌو.  پاڪستان سان جنگ جي خوف سبب ڀارتي فوج گهٻراهٽ ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ وڃائي ويٺي ۽ پاڪستاني فوج سان چڪري دوران غلطي سان ميزائل فائر ڪري پنهنجو ئي هيليڪاپٽر ڪيرائي وڌو هو.  27 فيبروري تي پاڪستان سان چڪري واري ڏينهن سرينگر ويجهو انڊين ايئر فورس جو ايم آءِ 17 وي فائيو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو هو جنهن ۾ 6 اهلڪار مارجي ويا هئا پهريون ته ڀارتي ايئر فورس هيليڪاپٽر کي ٽيڪنيڪي حادثو قرار ڏنو هو.  هاڻي ڀارتي اختيارين جي جاچ رپورٽ ۾ خبر پئي آهي ته هيليڪاپٽر ڪرڻ کان ٿوري دير اڳ ڀارتي دفاعي نظام مان ميزائل فائر ڪيو ويو هو ۽ ساڳيو ميزائل امڪاني طور هيليڪاپٽر جي تباهي جو سبب بڻيو. ميزائل فائر ٿيڻ کان اڳ سڃاڻپ جي نظام آءِ ايف ايف مان پتو لڳايو ويندو آهي ته هي دشمن جو جهاز آهي يا پنهنجو ڪو جهاز آهي. هاڻي ڀارتي جاچ ادارا اهو پتو لڳائڻ ۾ مصروف آهن ته ميزائل فائر ڪرڻ کان اڳ آءِ ايف ايف نظام فعال هو يا نه هو ۽ ڪهڙي هنڌ غلطي ٿي آهي. ڀارتي ميڊيا اڪنامڪ ٽائمز انڊين ايئر فورس جي ذريعن موجب جيڪڏهن واقعي مان ثابت ٿي ويو ته پنهنجي ئي ميزائل سان هيليڪاپٽر تباهه ٿيو ته ذميوار آفيسرن خلاف ڪورٽ مارشل ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *