سريلنڪن امپائر ورلڊ ڪپ فائنل ۾ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو

 

لنڊن (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن امپائر ڪمار ڌرما سينا ورلڊ ڪپ فائنل ۾ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو.14 جولاءِ تي انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ورلڊ ڪپ فائنل دوران آخري اوور ۾ مارٽن گپٽل طرفان ٿرو ڪيل بال انگلش بيٽسمين بين اسٽوڪس سان ٽڪرائجي بائونڊري لائن پار ڪري ويو هو، جنهن کانپوءِ سريلنڪا امپائر ڌرما سينا انگلينڊ کي 6 رنسون ڏئي ڇڏيون.آسٽريليا سان واسطو رکندڙ اڳوڻي ناليواري امپائر سائمن ٽافل به ڌرما سينا جي فيصلي کي غلط قرار ڏيندي چيو هو ته امپائر کي 5 رنسون ڏيڻ گهرجن ها.ڌرما سينا پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ فائنل ۾ اوور ٿرو تي 6 رنسون ڏيڻ غلطي هئي پر ميدان ۾ ري پلي جي سهولت ناهي هوندي، جڏهن ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل به منهنجي فيصلي تي واکاڻ ڪئي.انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ميچ ٽاءِ ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ سپر اوور به ٽاءِ ٿيو پر بائونڊريز جي بنياد تي ميزبان انگلينڊ کي فاتح قرار ڏنو، ائين نيوزيلينڊ جي ورلڊ ڪپ کٽڻ کان محروم رهجي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *