ڪوهلي 10سالن دوران وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙبيٽسمين قرار،فهرست جاري، پاڪستاني رانديگر جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام

 

دبئي(اسپورٽس نيوز) ليجنڊ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي 10 سالن دوران وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو، جاري ڪيل فهرست ۾ ڪوبه پاڪستاني رانديگر جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو. آءِ سي سي پاران گذريل 10 سالن دوران ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ 5 رانديگرن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي پهريون، روهيٽ شرما ٻيون، ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين هاشم آملا ٽيون، سريلنڪا جو اڳوڻو ڪپتان ڪمار سنگاڪارا چوٿون ۽ نيوزيلينڊ جو سينئر بيٽسمين روز ٽيلر پنجون نمبر ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ويرات ڪوهلي 221 مئچن ۾ 40 سينچرين ۽ 51 ففٽين جي مدد سان 10820 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو انڪري کيس پهرين پوزيشن ڏني وئي جڏهن ته روهيٽ شرما 174 مئچن ۾ 27 سينچرين ۽ 38 ففٽين سان 7962۽ هاشم آملا 159 مئچن ۾ 26 سينچرين ۽ 33 ففٽين سان 7265 رنسون ٺاهيون .ڪمار سنگاڪارا 142 مئچن ۾ 15 سينچرين ۽ 42 ففٽين سان 6356 ۽ روز ٽيلر 155 مئچن ۾ 17 سينچرين ۽ 39 ففٽين سان 6339 رنسون ٺاهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *