سراج الحق پاران ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي کي گرفتار ڪندڙ لاءِ هڪ ارب رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو

راولاڪوٽ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي گرفتار ڪندڙ لاءِ هڪ ارب رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڀارت سان دوستي جي ڳالهه ڪندڙ غدار آهن. آزاد ڪشمير جي علائقي راولاڪوٽ ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ ان مسئلي جي حل کانسواءِ نئين دهلي سان دوستي جي ڳالهه ڪندڙ غدار آهن. هن چيو ته ڀارت سان دوستي جي ڳالهه ڪندڙ ممبئي هليا وڃن، پاڪستان ۾ انهن لاءِ ڪا جڳهه ناهي، نئين دهلي سان سندن دوستي جي ايجنڊا ڪشمير جي آزادي آهي. جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته سٺي قيادت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ڪشمير جو هر نوجوان شينهن پر حڪمراني بزدلن جي هٿن ۾ آهي. سراج الحق چيو ته ملڪ جا حڪمران انڌا، گونگا، ٻوڙا يا ڀارت سان مليل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي محبت ۾ سيد علي گيلاني سڄي زندگي جيلن ۽ نظربندي ۾ گـُذاري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *