بلاول ڀٽو زرداري 6 مهينن کانپوءِ ڏيهه واپس پهچي ويو، ڪي پي ڪي ۾ چونڊ دوران گهٽ سيٽون کڻڻ تي ڳڻتي ظاهر

ڪراچي(م.ڊ) پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 6 مهينن کانپوءِ ڏيهه واپس پهچي ويو. خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ گهٽ انگ ۾ کٽيل سيٽن تي بلاول ڀٽو زرداري سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ڏيهه واپس پهتو آهي. بلاول ڀٽو زرداري خاص جهاز ذريعي دبئي کان ڪراچي ايئرپورٽ پهتو. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊ مهم جي قيادت پاڻ ڪندو. ذريعن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جلوسن جي قيادت ڪندو ۽ هـُو پ پ کي پنجاب ۾ ٻيهر مضبوط ڪرڻ لاءِ ناراض ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *